ناڻي واري وفاقي وزير پاران سائيبر ڪرائيم بل جي منظوري تي سينيٽ جي چيئرمين سميت سڀني سينيٽرن کي مبارڪباد

ناڻي واري وفاقي وزير پاران سائيبر ڪرائيم بل جي منظوري تي سينيٽ جي چيئرمين سميت سڀني سينيٽرن کي مبارڪباد

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیو ز 29۔جولائی۔2016ء) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار سائيبر ڪرائيم بل جي منظوري تي سينيٽ جي چيئرمين سميت سڀني سينيٽرن کي مبارڪباد ڏني آهي، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران بل جي منظوري کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار بل جي منظوري تي سڀني کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اسان کي وقت سر ترميم جمع ڪرائڻ گهرجن، هن چيو ته قانون ۾ بهتري جي گنجائش هميشه رهندي آهي. اڄ پاس ٿيڻ واري بل جي حوالي سان به بهتري جي لاءِ ميمبر پنهنجون تجويزون آڻي سگهن ٿا، هن بل جي منظوري تي سينيٽ جي چيئرمين سميت سڀني کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اهو جمهوريت ۽ ملڪ جي مفاد ۾ آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:23