سينيٽ پاران اليڪٽرانڪ ڏوهن کي روڪڻ جو بل 2016ع اتفاق راءِ سان منظور

سينيٽ پاران اليڪٽرانڪ ڏوهن کي روڪڻ جو بل 2016ع اتفاق راءِ سان منظور

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیو ز 29۔جولائی۔2016ء) سينيٽ اليڪٽرانڪ ڏوهن کي روڪڻ جو بل 2016ع جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير انوشه رحمان رٿ پيش ڪئي ته اليڪٽرانڪ ڏوهن کي روڪڻ جي لاءِ حڪم واضح ڪرڻ جو بل اليڪٽرانڪ ڏوهن کي روڪڻ جو بل 2016ع ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ غور هيٺ آندو وڃي، سينيٽ چيئرمين ايوان مان بل جي شق وار منظوري حاصل ڪئي، ان دوران سينيٽر شبلي فراز دائود خان اچڪزئي، عثمان ڪاڪڙ، سراج الحق ۽ ٻين ميمبرن بل جي ڪجهه شقن ۾ ترميم پيش ڪئي، جنهن جي حڪومت مخالفت نه ڪئي ۽ سڀئي ترميمون اتفاق راءِ سان منظور ڪيون ويون، جنهن کانپوءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير بل جي حتمي منظوري لاءِ ايوان ۾ رٿ پيش ڪئي، ايوان اتفاق راءِ سان بل جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:17