سينيٽر اعتزاز احسن پاران سينيٽر ڪرنل (ر) طاهر حسين مشهدي کان غيرمشروط معافي

سينيٽر اعتزاز احسن پاران سينيٽر ڪرنل (ر) طاهر حسين مشهدي کان غيرمشروط معافي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیو ز 29۔جولائی۔2016ء) سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن ايم ڪيو ايم جي پارلياماني اڳواڻ سينيٽر ڪرنل (ر) طاهر حسين مشهدي سان اليڪٽرانڪ ڏوهن کي روڪڻ جو بل 2016ع تي مشاورت نه ڪرڻ جي حوالي سان غير مشروط معافي گهري، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران متحده قومي موومينٽ جي پارلياماني اڳواڻ مخالف ڌر اڳواڻ سان گلا ڪئي ته بل جي حوالي سان صبح کان مشاورت ٿي رهي هئي ۽ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي وئي آهي پر ان کي ان حوالي سان ڪو علم نه هيو، نه ئي ڪنهن مشاورت ۾ شامل ڪيو ويو، بعد ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ايوان ۾ بل جي حوالي سان خيالن جي اظهار دوران ايم ڪيو ايم پارلياماني اڳواڻ کان ان تي غير مشروط معافي گهري ۽ درخواست ڪئي ته هو بل جي منظوري دوران ايوان مان ٻاهر وڃڻ بدران ايوان ۾ ئي موجود رهن. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:14