سائيبر ڏوهن جي حوالي سان بل ڪافي عرصي کان التوا هيٺ آهي: انوشه رحمان

سائيبر ڏوهن جي حوالي سان بل ڪافي عرصي کان التوا هيٺ آهي: انوشه رحمان

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیو ز 29۔جولائی۔2016ء) انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير انوشه رحمان چيو آهي ته سائيبر ڏوهن جي حوالي سان بل ڪافي عرصي کان التوا هيٺ آهي، بل تي خدشن کي تفصيل سان ٻڌو ويو ۽ عوامي ٻڌڻيون به ڪيون ويون، بل ۾ نقص ٿي سگهن ٿا جنهن کي ختم ڪري سگهجي ٿو، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير انوشه رحمان اليڪٽرانڪ ڏوهن کي روڪڻ جي بل 2016ع جي منظوري کان اڳ ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سائيبر ڪرائيم جو بل گهڻي اهميت جو حامل آهي جيڪو ڪافي عرصي کان التوا هيـٺ آهي، نيشنل ايڪشن پلان کانپوءِ ان بل کي قومي اسيمبلي کي موڪليو ويو ۽ ڪميٽي ۾ غور هيٺ آندو ويو، هن بل تي ڪيترن ئي ماڻهن جا خدشا آهن جن کي ٻڌو ويو آهي، اسٽينڊنگ ڪميٽي ان بل تي عوامي ٻڌڻيون به ڪيون آهن، هن چيو ته اسان مان ڪو نٿو چاهي ته انٽرنيٽ جي استعمال تي ڪنهن کي سزا ملي، خدشو رهندو آهي ته ڪو شهري پنهنجي معصوميت سبب به پڪڙجي سگهجي ٿو، بل جي حوالي سان عملدرآمد جي ذميداري گهرو وزارت جي آهي، سپريم ڪورٽ به ان حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي آهي، هن چيو ته سائيبر سپيس ۾ ڏوهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ هن وقت ڪو قانون نه آهي، بل ۾ نقص ٿي سگهن ٿا انهن کي ختم ڪري سگهجي ٿو، ان قانون تي عملدرآمد ڪرائڻ وارن کي ان جو ناجائز استعمال روڪڻ گهرجي، هن چيو ته بل ۾ سائيبر ڪرائيم جي حوالي سان ڪيتريون ئي شقون شامل آهن ۽ عدالت جي اجازت کانسواءِ ٻن کانسواءِ ڪنهن ڏوهه ۾ گرفتاري نٿي ڪري سگهجي، هن چيو ته سائيبر ڪرائيم جي حوالي سان عدالتون به قائم ڪيون وينديون ۽ ان جو اختيار به عدليه وٽ ئي هوندو، اسان ان ۾ مداخلت نٿا ڪرڻ چاهيون. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 16:55