سينيٽ ۾ اليڪٽرانڪ ڏوهن کي روڪڻ جي بل 2016ع جي منظوري دوران جمعي نماز جو وقفو

سينيٽ ۾ اليڪٽرانڪ ڏوهن کي روڪڻ جي بل 2016ع جي منظوري دوران جمعي نماز جو وقفو

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیو ز 29۔جولائی۔2016ء) سينيٽ ۾ اليڪٽرانڪ ڏوهن کي روڪڻ جي بل 2016ع جي منظوري دوران جمعي جي نماز جو وقفو ڪيو ويو، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير انوشه رحمان جي دير سان اچڻ سبب سينيٽ جو اجلاس ٻن ڪلاڪن تائين ملتوي ڪيو ويو. بعد ۾ مملڪتي وزير جي اچڻ تي اليڪٽرانڪ ڏوهن کي روڪڻ جي بل جي منظوري دوران جمعي جي نماز جو وقت ٿي ويو، جنهن سبب سينيٽ چيئرمين اجلاس جمعي جي نماز جي ادائيگي لاءِ اڌ ڪلاڪ جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 15:37