انڊونيشيا ۾ پاڪستاني شهري جي موت واري سزا تي عملدرآمد روڪيو ويوآهي: اسحاق ڊار

انڊونيشيا ۾ پاڪستاني شهري جي موت واري سزا تي عملدرآمد روڪيو ويوآهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیو ز 29۔جولائی۔2016ء) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته انڊونيشيا ۾ پاڪستاني شهري جي موت واري سزا تي عملدرآمد روڪيو ويو آهي. جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ٻڌايو ته انڊونيشيا ۾ هڪ پاڪستاني شهري کي سزا ٿيڻ واري هئي ان حوالي سان منهنجي ذميداري لڳائي وئي هئي، هن ٻڌايو ته ڄاڻايل پاڪستاني شهري جي سزا تي عملدرآمد کي ملتوي ڪيو ويو آهي. چيئرمين چيو ته توهان جي ۽ سينيٽ جي مداخلت سبب سزا ملتوي ٿي آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 15:36