سنڌ جو نئون وڏو وزير عوامي خدمت جي ذريعي ڪامياب رهندو: شبلي فراز

سنڌ جو نئون وڏو وزير عوامي خدمت جي ذريعي ڪامياب رهندو: شبلي فراز

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیو ز 29۔جولائی۔2016ء) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شبلي فراز چيو آهي ته سياسي دٻاءُ ختم ڪري سنڌ پوليس کي مثالي پوليس بڻائي سگهجي ٿو، نئون وڏو وزير عوامي خدمت جي ذريعي ڪامياب رهندو. جمعي ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ماضي ۾ سنڌ پوليس ۾ ڏوهاري ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو ۽ انهن ماڻهن کان پنهنجا مقصد حاصل ڪيا پيا وڃن، هن چيو ته نئون وڏو وزير سنڌ پوليس ۾ سڌارا آڻي ۽ ان تي سياسي دٻاءُ ختم ڪري انهن کي مثالي فورس بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. خيبرپختونخوا صوبي ۾ پي ٽي آءِ پوليس تي سياسي دٻاءُ ختم ڪري ڇڏيو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اميد آهي ته سنڌ جو نئون وڏو وزير عوام جي خدمت لاءِ پنهنجو ذهن استعمال ڪندو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 15:31