سنڌ جي لاءِ وڏو وزير جيڪڏهن بااختيار هجي ته سٺيون اميدون رکي سگهجن ٿيون: سينيٽر نهال هاشمي

سنڌ جي لاءِ وڏو وزير جيڪڏهن بااختيار هجي ته سٺيون اميدون رکي سگهجن ٿيون: سينيٽر نهال هاشمي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیو ز 29۔جولائی۔2016ء) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ سينيٽر نهال هاشمي چيو آهي ته سنڌ جي لاءِ وڏو وزير جيڪڏهن بااختيار هجي ته سٺيون اميدون رکي سگهجن ٿيون، نه ته قائم علي شاهه کي ياد ڪنداسين، جمعي ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته انڊونيشيا ۾ موت جي سزا آيل پاڪستاني جي سزا تي عملدرآمد روڪيو ويو آهي، ان حوالي سان ميڊيا سٺو ڪردار ادا ڪيو، ذوالفقار مينهن جو پهريون ڦڙو آهي، جڏهن ته ڀارتي جيلن ۾ قيد پاڪستانين جي آزادي لاءِ پرڏيهي وزارت پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سينيٽ جي ميمبرن کي قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ شامل ڪرڻ سان ڪميٽي وڌيڪ مضبوط ٿيندي ۽ ان ۾ ايوان جا ميمبر به پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 15:28