سينيٽ جو اجلاس مملڪتي وزير انوشا رحمان جي غير موجودگي سبب اڌڪلاڪ لاءِ ملتوي

سينيٽ جو اجلاس مملڪتي وزير انوشا رحمان جي غير موجودگي سبب اڌڪلاڪ لاءِ ملتوي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیو ز 29۔جولائی۔2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير جي ايوان ۾ غير موجودگي تي اجلاس اڌ ڪلاڪ لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سوالن جوابن جو وقفو مقرر هڪ ڪلاڪ کان اڳ ئي پڄاڻي تي پهچي ويو ۽ ايجنڊا ۾ شامل ٻيا معاملا به اڪلايا ويا، سينيٽ ۾ اليڪٽرانڪ ڏوهن کي روڪڻ جو بل غور هيٺ آڻڻو هيو پر انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير انوشه رحمان ايوان ۾ موجود نه هئي، جنهن تي چيئرمين قائدايوان کان پڇاڻو ڪيو ته مملڪتي وزير ڪٿي آهي، ته هن ٻڌايو ته ايجنڊا جي باقي ڪارروائي مڪمل ڪئي وڃي تيستائين هو اچي ويندي، چيئرمين ان دوران اڌ ڪلاڪ لاءِ اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م15:26