سينيٽ چيئرمين پاران انٽرن شپ مڪمل ڪندڙ شاگردن کي مبارڪباد

سينيٽ چيئرمين پاران انٽرن شپ مڪمل ڪندڙ شاگردن کي مبارڪباد

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیو ز 29۔جولائی۔2016ء) سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني انٽرن شپ پروگرام تحت انٽرنشپ مڪمل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مبارڪباد ڏني آهي، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽ چيئرمين ٻڌايو ته انٽرنشپ پروگرام تحت شاگردن ۽ شاگردياڻين جي پهرين بينچ پنهنجي انٽرن شپ مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ هو اڄ هتي گئلري ۾ ويٺا آهن، سينيٽ آف پاڪستان انهن جي خدمتن کي واکاڻي ٿو، انهن کي سينيٽ پاران انٽرن شپ مڪمل ڪرڻ تي سرٽيفڪيٽس به ڏنا ويندا. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 15:23