فيڊرل ايجوڪيشن ۽ پروفيشنل ٽريننگ واري وزارت تحت 2 ادارا عالمي معيارموجب فني تعليم فراهم ڪري رهيا آهن: سينيٽ کي آگاهي

فيڊرل ايجوڪيشن ۽ پروفيشنل ٽريننگ واري وزارت تحت 2 ادارا عالمي معيارموجب فني تعليم فراهم ڪري رهيا آهن: سينيٽ کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیو ز 29۔جولائی۔2016ء) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته فيڊرل ايجوڪيشن ۽ پروفيشنل ٽريننگ واري وزارت تحت 2 ادارا عالمي معيار موجب فني تعليم فراهم ڪري رهيا آهن. ايم اي جي داخلائن لاءِ ايڇ اي سي پاران اين ٽي ايس جي شرط ضروري نه آهي، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر احمد حسن جي سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ ٻڌايو ته جنوري 2015ع کان هيستائين اعليٰ تعليم جي لاءِ ڪل 348 شاگرد ٻاهرين ملڪ موڪليا ويا آهن، انهن ۾ آزاد ڪشمير جا 10، بلوچستان جا 57، فاٽا گلگت بلتستان جا 12، اسلام آباد جا 3، خيبرپختونخوا جا 40، پنجاب جا 155 ۽ سنڌ جا 71 شاگرد آهن، بلوچستان جي هر ضلعي کي هڪ اسڪالرشپ ڏني ويندي آهي، ڪنهن علائقي کي محروم ناهي رکيو ويو، سينيٽر سسئي پليجو جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي هن چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ايڇ اي سي پاران اين ٽي ايس جي شرط ضروري نه آهي، يونيورسٽيون پاڻ امتحان وٺي سگهن ٿيون، ايڇ اي سي نيشنل ٽيسٽنگ ڪائونسل ٺاهڻ وڃي رهي آهي، ماسٽرز جي لاءِ امتحان هئڻ گهرجن، سڄي دنيا ۾ ائين ٿيندو آهي، هن چيو ته داخلا جي لاءِ ٽيسٽ ضروري آهي، ڀلي يونيورسٽي پاڻ وٺي يا ڪو ٻيو ادارو، اهو درست نه آهي ته داخلا وٺڻ کانپوءِ ڊگري ڏيڻ کان اڳ ان امتحان جو شرط رکيو ويندو آهي، جيڪڏهن ڪٿي ائين ٿي رهيو آهي ته ان جي نشاندهي ڪئي وڃي، ان کان اڳ سينيٽر سسئي پليجو ايڇ اي سي پاران ماسٽر ڊگرين ۾ داخلا وٺڻ وارن شاگردن جي لاءِ اين ٽي ايس امتحان ڏيڻ لازمي قرار ڏيڻ تي وزير کي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 15:16