سنڌ جي گورنر جي چونڊ وزيراعظم جي ويزن مطابق آهي: مريم اورنگزيب

سنڌ جي گورنر جي چونڊ وزيراعظم جي ويزن مطابق آهي: مريم اورنگزيب

ڪراچي (پاکستان نیوز پوائنٹ 02 فروری2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سنڌ جي گورنر جي چونڊ وزيراعظم محمد نواز شريف جي ڪراچي ۾ امن، سڪون ۽ واپاري ۽ اقتصادي ترقي جي ويزن مطابق آهي. اها ڳالهه هن ڪالهه خميس ڏينهن سنڌ جي گورنر محمد زبير جي حلف برداري کانپوءِ اي پي پي سان ڳالهائيندي چئي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته وفاقي حڪومت امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ آپريشن جو آغاز ڪيو جنهن جا مثبت نتيجا اڄ سڀني جي سامهون آهن، هن چيو ته ڪراچي جون روشنيون ۽ ڪاروباري ۽ اقتصادي سرگرميون بحال ٿيون آهن، هن چيو ته سنڌ جي گورنر محمد زبير جي چونڊ به وزيراعظم جي سنڌ ۽ ڪراچي جي حوالي سان پاليسين جو تسلسل آهي ۽ هو گورنر طور صوبي جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. مملڪتي وزير چيو ته حلف برداري واري تقريب ۾ ماڻهن جو جذبو ڏسي خوشي ٿي.