وزيراعظم پاران محمد زبير کي سنڌ جي گورنر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون

وزيراعظم پاران محمد زبير کي سنڌ جي گورنر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 02 فروری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف محمد زبير کي سنڌ جي گورنر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. هن اميد ظاهر ڪئي آهي ته محمد زبير سنڌ جي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ محنت سان ڪم ڪندو ۽ وفاق ۽ صوبي جي وچ ۾ هڪ موثر رابطا ڪار ثابت ٿيندو. وزيراعظم چيو ته محمد زبير کي پيشيوراڻي صلاحيتن سبب سنڌ لاءِ گورنر نامزد ڪيو ويو آهي، هن دعا ڪئي ته سنڌ جو نئون گورنر ڪاميابي سان پنهنجا فرض انجام ڏيندو.