ڪشمير مسئلو هندوستان جي ورهاڱي جي اڻ مڪمل ايجنڊا آهي: صدر ممنون حسين

ڪشمير مسئلو هندوستان جي ورهاڱي جي اڻ مڪمل ايجنڊا آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 02 فروری2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڪشمير مسئلو هندوستان جي ورهاڱي جي اڻ مڪمل ايجنڊا آهي جنهن جي بنياد تي پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو، ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ کانسواءِ خطي ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي. هن اها ڳالهه خميس ڏينهن ايوان صدر ۾ ڪشمير ڪائونسل جي ميمبر سردار عبدالخالق وصي سان ملاقات دوران چئي. صدر والاريل ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارتي سيڪيورٽي فورسز بي گناهه ۽ معصوم ڪشميرين تي ظلم ڪري رهي آهي، هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪڻ ۽ ڪشمير مسئلي جي پرامن حل لاءِ عالمي برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالي ٿي رهي آهي جنهن لاءِ انساني حقن جي عالمي تنظيمن کي آواز بلند ڪرڻ گهرجي، صدر چيو ته ڪشمير جو مسئلو، ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڪشميري عوام وڏي دليري سان ڀارتي جارحيت جو مقابلو ڪري رهي آهي ۽ انهن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. صدر چيو ته پاڪستان خطي ۾ ڀارت سميت سمورن ملڪن سان دوستاڻي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. پاڪستان جي خواهش آهي ته سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪيا وڃن ۽ ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪيو وڃي.