ڇوڪريون جديد ٽيڪنالاجي مان گهر ويٺي فائدو کڻي سگهن ٿيون: خاتون اول بيگم محموده ممنون حسين

ڇوڪريون جديد ٽيڪنالاجي مان گهر ويٺي فائدو کڻي سگهن ٿيون: خاتون اول بيگم محموده ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 02 فروری2016ء) خاتون اول بيگم محموده ممنون حسين چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي ديني تعليم تائين پهچ آسان بڻائي ڇڏي آهي ۽ ڇوڪريون گهر ويهي ان مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿيون، ڇوڪرين جي بهتر تربيت سان گهر ۽ معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي سگهي ٿي، خاتون اول اها ڳالهه ايوان صدر ۾ اسلام آباد ماڊل اسڪول جي شاگردياڻين کي خطاب ڪندي چئي، هن چيو ته ڇوڪرين جي تربيت ۽ انهن کي ديني ۽ دنياوي تعليم جي حوالي سان هي سلسلو ڪافي عرصي کان شروع ڪيو ويو آهي جنهن ۾ مختلف اسڪولن جي ڇوڪرين کي انهن جي فرضن کان آگاهه ڪيو ويندو آهي ته جيئن هو اڳتي هلي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن، خاتون اول چيو ته نماز اسلام جو بنيادي رڪن آهي ۽ ان جي ادائيگي کانسواءِ ايمان نامڪمل آهي، هن چيو ته قرآن پاڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڀيرا حڪم نماز جي باري ۾ آيو آهي ۽ اسان جي پياري نبي حضرت محمد صه نماز کي سڀ کان اولين درجو قرار ڏنو آهي ۽ سمورين مصروفيتن کي ڇڏي نماز ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، خاتون اول چيو ته الله جي سامهون سر جهڪائڻ جو سڀ کان اهم سبب هي آهي اسان الله جي عنايت جو شڪر ادا ڪري سگهون، انهن عنايتن مان سڀ کان وڏي عنايت هي آهي ته الله اسان کي اشرف المخلوقات يعني انسان بڻايو ۽ اسان کي سڌي راهه تي رکيو، نماز جي باري ۾ حڪم ڏنو ويو ته نماز ڪفر ۽ اسلام جي وچ ۾ فرق واضح ڪري ٿي، انسان جو شرڪ کان پري رهڻ ان لاءِ ضروري آهي ته شرڪ واحد گناهه آهي جنهن کي الله ڪڏهن معاف نه ڪندو، هن چيو ته ايمان ۽ نماز کي لازم ۽ ملزوم ڪرڻ جو مطلب به اهو ئي آهي ته انسان پاڻ کي الله تعاليٰ جو مڪمل ٻانهو ڪري ڇڏي، ان جو نتيجو هي نڪرندو ته انسان جي مزاج مان تڪبر جو خاتمو ٿي ويندو ۽ انسان ۾ عاجزي ۽ انڪساري پيدا ٿي ويندي، هن چيو ته حضور نبي ڪريم صه جي ارشاد يعني حديثن، الله تعاليٰ جي حڪمن جي مقصد ۽ اهميت کي سمجهڻ ۾ مدد ڏيندي آهي، هڪ حديث ۾ فرمايو ويو ته جنهن ڄاڻي واڻي نماز ترڪ ڪئي اهو ڪافر ٿي ويو، حضور نبي ڪريم صه پنهنجي زندگي جي آخري لمحن ۾ مسلمانن کي نصيحت ڪئي هئي ته منهنجي وفات کانپوءِ نماز قائم ڪجو، حضور صه جي ارشادن مان نماز جي اهميت واضح آهي، قرآن ۽ سنت تي غور ۽ فڪر ڪري عالم سڳورا نهايت اهم نتيجا ڪڍيا آهن، خطاب کانپوءِ خاتون اول بيگم محمود حسين شاگردياڻين ۾ رلي ملي وئي، ان موقعي تي شاگردياڻين خاتون اول کي پنهنجي تعليمي سرگرمين بابت آگاهه ڪيو.