اسٽيٽ بئنڪ بيمه ڪارپوريشن بل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي

اسٽيٽ بئنڪ بيمه ڪارپوريشن بل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 02 فروری2016ء) اسٽيٽ بئنڪ بيمه ڪارپوريشن (نئين سر جوڙجڪ) تبديلي بل 2016ع وڌيڪ غور جي لاءِ واپار واري اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو، خميس ڏينهن واپار واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان رٿ پيش ڪئي ته اسٽيٽ لائيف بيمه ڪارپوريشن (نئين سر جوڙجڪ) تبديلي بل 2016ع غور هيٺ آندو وڃي، انجنيئر خرم دستگير چيو ته ان بل جي هڪ هڪ سٽ تي سينيٽ ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، سينيٽ جي لاڳاپيل ڪميٽي به ان بل کي تفصيلي غور کانپوءِ منظور ڪيو آهي، سينيٽ ان بل ۾ ترميمون ڪيون آهن، فاضل ميمبر کي ترميمون پڙهڻ گهرجن، بل ۾ ڪا تڪراري ڳالهه نه آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ان بل جو مقصد اسٽيٽ لائيف جي نجڪاري جو عمل شروع ڪرڻ آهي، ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته اسٽيٽ لائيف اهم قومي ادارو آهي، ان بل ۾ سينيٽ جي فنانس ڪميٽي ترميمون ڪيون آهن، قومي اسيمبلي جي فنانس ڪميٽي کي به بل ڏسڻ جو موقعو ڏنو وڃي، وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو ته ان بل جي قومي اسيمبلي کان پهرين منظوري ملي چڪي آهي، اسان يقين ڏياريون ٿا ته ان جو مقصد اداري جي نجڪاري نه آهي، ان بل جي نجڪاري جو صرف هڪ لفظ شامل هو جيڪو سينيٽ ترميم ڪري ختم ڪري ڇڏيو، هن بل جا تفصيل پڙهي ٻڌايا ۽ چيو ته سمورن ملازمن کي مڪمل تحفظ حاصل آهي، هن چيو ته جيڪڏهن بل کي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪرڻ چاهيو ٿا ته اسان ان جي لاءِ به تيار آهيون، عبدالرشيد گوڊيل چيو ته فنانس ڪميٽي کي موڪلڻ ۾ ڪو به حرج نه آهي، اسٽيٽ لائيف جون عمارتون تمام گهڻيون پراڻيون آهن جنهن جي قيمت جو تعين 1967ع ۾ ڪيو ويو هو، اثاثن جي اصل قدر معلوم ڪرڻ جي لاءِ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ فرم جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن، ان کانپوءِ اداري جي شيئرز جي اصل قدر جو تعين ڪيو وڃي، رضا حيات هراج چيو ته ڪنهن به اداري جي 25 سيڪڙو شيئر هولڊرز کي جيڪڏهن اداري جي پاليسي سان اختلاف هجي ته کيس انتظامي ڪنٽرول ڏئي سگهجي ٿو، ان معاملي تي به ڪميٽي ۾ غور ڪيو وڃي، شفقت محمود چيو ته هي بل ڪمپنيز آرڊيننس سان هڪجهڙائي نٿو رکي، اثاثن جي ڪاٿي تي به ڌيان ڏنو وڃي، وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير رٿ پيش ڪئي ته بل کي اسٽينڊنگ ڪميٽي ڪامرس جي حوالي ڪيو وڃي، ايوان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن کانپوءِ بل ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو.