پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي: مملڪتي وزير ڄام ڪمال خان

پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي: مملڪتي وزير ڄام ڪمال خان

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 01 فروری2016ء) پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري مملڪتي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي ۽ ڪنهن به جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندو. اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو ۽ ڪنهن به جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان پرامن گڏيل بقا تي يقين رکي ٿو ۽ انهي ڏس ۾ پاڪستان پنهنجون پاليسيون جوڙيون آهن، هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ امان ۽ بقاءُ جي لاءِ پنهنجون پاليسيون جاري رکندو.