قومي اسيمبلي پاران بنا نالي ڪاروباري معاملا (منع نامو) بل 2017ع منظور

قومي اسيمبلي پاران بنا نالي ڪاروباري معاملا (منع نامو) بل 2017ع منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 01 فروری2016ء) قومي اسيمبلي ۾ بنا نالي ڪاروباري معاملا (منع نامو) بل 2017ع جي منظوري ڏئي ڇڏي، اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وزير زاهد حامد رٿ پيش ڪئي ته ”بنا نالي ڪاروباري معاملا (منع نامو) بل 2017ع“ غور هيٺ آندو وڃي، رٿ جي منظوري کانپوءِ اسپيڪر بل جي شقوار منظوري حاصل ڪئي، قانون واري وزير زاهد حامد رٿ پيش ڪئي ته بنا نالي ڪاروباري معاملا (منع نامو) بل 2017ع منظور ڪيو وڃي، قومي اسيمبلي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي.