پاڪستان پنهنهي جاگرافيائي بيهڪ سبب ايشيا جي اولين واپار، توانائي ۽ ٽرانسپورٽ راهداري بڻجڻ جي ذريعي وڏن موقعن واري مارڪيٽ ٺاهي ٿو: وزيراعظ۾ محمد نواز شريف

پاڪستان پنهنهي جاگرافيائي بيهڪ سبب ايشيا جي اولين واپار، توانائي ۽ ٽرانسپورٽ راهداري بڻجڻ جي ذريعي وڏن موقعن واري مارڪيٽ ٺاهي ٿو: وزيراعظ۾ محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 01 فروری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان پنهنهي جاگرافيائي بيهڪ سبب ايشيا جي اولين واپار، توانائي ۽ ٽرانسپورٽ راهداري بڻجڻ جي ذريعي وڏن موقعن واري مارڪيٽ ٺاهي ٿو. اها ڳالهه هن هالينڊ جي ڪمپني رائل فرائز لينڊ ڪيمپينا جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر رئيولوف اي جوسٽن سان اربع ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي مجموعي آبادي جو 60 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ هتي غير هنر مند کان وٺي نهايت مهارت يافته پروفيشنلز تي ٻڌل صلاحيت افرادي قوت آهي. وزيراعظم وفد کي ٻڌايو ته حڪومت آبادگارن کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ ڀاڻ تي سبسڊي ۾ تازو ئي توسيع ڏني آهي ۽ چٽاڀيٽي جي عالمي چئلينجن جي مقابلي ۽ سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪاري متوجهه ڪرڻ جي لاءِ خصوصي اقتصادي زونز جي لاءِ قانون جوڙيا آهن، هن چيو ته موجوده حڪومت مختلف شعبن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ سهولت ڏيڻ جي لاءِ بنيادي ڍانچي، توانائي ۽ مواصلاتي منصوبن تي سرگرمي سان ڪم ڪري رهي آهي، وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته اسان خوش قسمت آهيون ته اسان وٽ هتي چار موسمون، وسيع ايراضي، قدرتي وسيلن سان مالا مال، جامع آبپاشي نظام، سازگار ماحول، سڄو سال فصلن جي پيداوار، تربيت يافته افرادي قوت ۽ فعال اقتصادي صورتحال آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موجوده حڪومت سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافي جي لاءِ اقتصادي سڌارن تي ڌيان ڏنو آهي، جڏهن ته اقتصادي انگ اکر مثبت ۽ مستحڪم آهن جنهن جو اعتراف بين الاقوامي ادارا به ڪري رهيا آهن، رئيولوف اي جوسٽن چيو ته اسان پاڪستان ۾ ان لاءِ سيڙپڪاري ڪئي ڇو ته وچ ايشيا اسان جي ڪاروباري حڪمت عملي جي لاءِ تمام اهم آهي ۽ پاڪستان ۽ خطي ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ اسان کي موقعو فراهم ڪيو، هن ڊيري مصنوعات جي شعبي جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو اهو به سبب آهي جو اسان کليل کير کان وٺي پيڪ کير تائين وڏي تبديلي ڏٺي آهي، ملڪ ۾ وچولي طبقي جي آمدن ۾ اضافو ڏين ۾ آيو آهي ۽ جيڪو تيزي سان وڌي رهيو آهي جڏهن ته ملڪ ۾ اربنائزيشن کي به فروغ ملي رهيو آهي، اسان محسوس ڪريون ٿا ته ملڪ ۾ وڌندڙ طلب کي پورو ڪرڻ لاءِ ڊيري مصنوعات جو اعليٰ معيار گهربل آهي اهو ئي سبب آهي جو اسان پنهنجي ٽيڪنالاجي ۽ مهارت کڻي آيا آهيون ۽ اسان پاڪستان جي آبادگار برادري سان گڏجي پاڪستاني مارڪيٽ جي لاءِ انهن مصنوعات جي فروغ جي لاءِ پنهنجي تجربي کي استعمال آڻي رهيا آهيون، هن چيو ته هو ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان کي ڊيري مصنوعات برآمد ڪندڙ ملڪ بڻائڻ جو منصوبو رکي ٿو، هن چيو ته بهتر سيڪيورٽي ماحول، تيزي سان اڀرندڙ سگهارو معياري بنادي ڍانچو ۽ توانائي جي کوٽ ۾ نمايان گهٽتائي جي ڪري پاڪستان سيڙپڪاري جي لاءِ پرڪشش مقام بڻجي رهيو آهي، هن چيو ته هو ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان ۾ 10 ڪروڙ ڊالر جي اضافي سيڙپڪاري آڻڻ جي به منصوبابندي ڪري رهيا آهن، ملاقات ۾ ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار به موجود هو جڏهن ته وفد اينگرو ڪارپوريشن جي صدر ۽ سي اي او حسين دائود، غياث خان، سي اي او پائٽ هلاردس، سي ايف او هائن شوماچر ۽ ڪمپني ڊائريڪٽر هينڊس لاراڪر تي مشتمل هو.