عمران خان جي ڪوڙن الزامن جو جواب ڏيڻ ۽ قوم کي سچ ٻڌائڻ اسان جو فرض آهي: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

عمران خان جي ڪوڙن الزامن جو جواب ڏيڻ ۽ قوم کي سچ ٻڌائڻ اسان جو فرض آهي: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 31جنوری2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جي ڪوڙن الزامن جو جواب ڏيڻ ۽ قوم کي سچ ٻڌائڻ اسان جو فرض آهي، پاناما ڪيس جيئن جيئن اڳيان وڌي رهيو آهي، عمران خان جي ياداشت جواب ڏيندي پئي وڃي، ڪيس جو فيصلو اچڻ تائين عمران خان ذهني طور تي لاعلاج ٿي ويندو، عمران خان ۽ جهانگير ترين اليڪشن ڪميشن کان ڇوٽ گهري رهيا آهن، وزيراعظم محمد نواز شريف استحقاق جو حق هجڻ جي باوجود ٽن نسلن جو حساب ڏئي رهيو آهي، وزيراعظم فيصلو ڪيو آهي ته هو عمران خان جي ڪوڙن الزامن مان سرخرو ٿيندو ڇو ته هو 2018ع جي چونڊن ۾ اهي الزام کڻي عوام جي عدالت ۾ نٿو وڃڻ چاهي، عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ پنهنجي مٿان هنيل الزامن جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي صحافين سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير چيو ته عمران خان جي ڪوڙ کان عوام کي باخبر رکڻ ضروري آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف يا سندس ڪنهن وڪيل کي عدالت جي دائره اختيار کي چئيلنج ڪرڻو هجي ته اهو حق هنن کي هو پر هنن ائين نه ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم هن ڪيس کي قانوني انداز ۾ هلائڻ تي يقين رکي ٿو ان لاءِ هن عدالت ۾ هن ڪيس کي هلائڻ لاءِ درخواست ڏني آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو شريف خاندان جا ٽي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏئي رهيا آهن. مملڪتي وزير چيو ته عمران خان الزام هڻندي چيو آهي ته شريف فيملي جي ٽئين وڪيل عدالت ۾ فليٽن جي ملڪيت کي تسليم ڪيو آهي. هن چيو ته پاناما ليڪس جيئن جيئن اڳيان وڌي رهيو آهي، عمران خان جي ياداشت جواب ڏيندي پئي وڃي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان ۽ جهانگير ترين اليڪشن ڪميشن کان ڇوٽ گهري رهيا آهن ۽ وزيراعظم محمد نواز شريف استحقاق جو حق رکندي استحقاق حاصل نه ڪيو. وزيراعظم فيصلو ڪيو آهي ته هو عمران خان جي ڪوڙن الزامن مان سرخرو ٿيندو ڇو ته 2018ع جي چونڊن ۾ انهن الزام کي کڻي عوام جي عدالت ۾ وڃڻ نه ٿو چاهي ۽ هو پنهنجي ووٽرن جي ذهنن ۾ ڪا شڪ نه ٿو ڇڏڻ چاهي ۽ ان لاءِ ئي هو پنهنجي ٽن نسلن جو حساب سپريم ڪورٽ ۾ ڏئي رهيو آهي. مملڪتي وزير چيو ته عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ پنهنجي مٿان هنيل الزامن جو جواب ڏيڻ جي لاءِ تيار نه آهي ان جي ابتڙ عمران خان کي اها ڳالهه مڃڻ گهرجي ته هن اليڪشن ڪميشن کان ڇوٽ حاصل ڪئي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان خيبرپختونخواهه جي عوام سان ڪيل واعدا پورو نه ڪري رهيو آهي جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اڳ ۾ عوامي صحت جي پروگرام جي شروعات ئي خيبرپختونخواهه کان ڪئي آهي ۽ هاڻي سڄي ملڪ ۾ بنا ڪنهن فرق جي اهو پروگرام جاري ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم محمد نواز شريف قوم سان صحت ۽ تعليمي شعبي جي بهتري، لوڊشيدنگ جي خاتمي ۽ امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ قدمن جو واعدو ڪيو آهي ۽ ان تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته جڏهن خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي ڪابينا جي ميمبرن تي بدعنواني جا الزام لڳا ۽ اهي بي نقاب ٿيا ته ان جي لاءِ احتساب جي آفيس کي تالو هنيو ويو. هن چيو ته استحقاق جو حق رکڻ جي باوجود وزيراعظم احتساب ڏئي رهيو آهي ۽ عدالت پاران طلب ڪيل ثبوت پڻ پيش ڪري رهيو آهي، اهي قدم عمران خان جي ذهن تي اثرانداز ٿي رهيا آهن، پاناما ڪيس جو فيصلو اچڻ تائين عمران خان ذهني طور تي لاعلاج ٿي ويندو. هن عمران خان کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته اچو گڏجي ويهون ۽ سي پيڪ سميت ٻين اهم قومي معاملن تي ڳالهيون ڪريون.