اطلاعات جي حق جي بل 2016ع تي سينيٽ جي سليڪٽ ڪميٽي اتفاق راءِ سان بل جي مسودي جي منظوري

اطلاعات جي حق جي بل 2016ع تي سينيٽ جي سليڪٽ ڪميٽي اتفاق راءِ سان بل جي مسودي جي منظوري

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 31جنوری2016ء) اطلاعات جي حق جي بل 2016ع تي سينيٽ جي سليڪٽ ڪميٽي اتفاق راءِ سان بل جي مسودي تي رضامندي ظاهر ڪندي ان کي باضابطا منظوري کانپوءِ سينيٽ جي ايندڙ اجلاس ۾ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪميٽي تجويز ڏني آهي ته ڪنهن اداري ۾ ڪرپشن بابت اطلاع فراهم ڪندڙ ملازم جي خلاف قانوني ڪارروائي سان ان کي تحفظ ملندو. ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽر فرحت الله بابر جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، سينيٽر سيد شبلي فراز، روبينه خالد، پرويز رشيد، الياس بلور، مشاهد الله خان، مختيار احمد ڌامراهه ۽ جاويد عباسي کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين ڪامل علي آغا ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران حڪومتي قانوني مسودي جي شق 18 کا 29 تائين جائزو ورتو ويو ۽ اتفاق راءِ سان ڪجهه ترميمن جي پڻ منظوري ڏني وئي. ڪميٽي پاران جيڪي اهم فيصلا ڪيا ويا انهن ۾ انفارميشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري، انهن جي اختيارن ۽ سرڪاري رڪارڊ کي ڄاڻي واڻي ضايع ڪرڻ جي خلاف ڪارروائي شامل آهي. ڪميٽي فيصلو ڪيو ته 20 سالن کانپوءِ سمورو سرڪاري رڪارڊ عوام لاءِ عام ڪرڻ گهرجي. ڪميٽي تجويز ڏني ته جيڪڏهن ڪنهن شخص جي شخصي آزادي ۽ زندگي بابت انفارميشن هجي ته لاڳاپيل ادارو ٽن ڏينهن جي اندر اطلاع فراهم ڪندو. ڪميٽي تجويز ڏني ته بل ۾ موجود وسبل بلوئنگ جي شق، جنهن جو مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص اداري ۾ ٿيندڙ ڪرپشن کان آگاهه ڪري ٿو ته ان کي قانوني ڪارروائي کان تحفظ حاصل هوندو. ڪميٽي تجويز ڏني ته انفارميشن ڪميشن ۾ عدليه، هڪ رٽائرڊ بيوورڪريٽ ۽ هڪ سول سوسائٽي سان تعلق رکندڙ شخص کي شامل ڪيو وڃي ته جيئن مختلف راءِ رکندڙ شخص تي ٻڌل ڪميشن ٺهي سگهي. ڪميشن جي ميمبر جي عمر ان جي مقرري جي وقت 65 سال کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي. ڪميٽي جي چيئرمين سمورن ميمبرن ۽ حڪومت جا قانوني مسودي تي اتفاق راءِ تائين پهچڻ تي ٿورا مڃيا.