وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ فلسطين جي صدر فلسطيني سفارتخاني جي نئين عمارت جو افتتاح ڪيو

وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ فلسطين جي صدر فلسطيني سفارتخاني جي نئين عمارت جو افتتاح ڪيو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 31جنوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ فلسطين جي صدر محمود عباس هتي فلسطيني سفارتخاني جي نئين عمارت جو افتتاح ڪيو. ان سلسلي ۾ ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ فلسطيني سفارتخاني جي نئين عمارت ۾ هڪ سادي پر شاندار تقريب ٿي جنهن ۾ سفارتخاني جي اعليٰ عملدارن کانسواءِ فلسطيني شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ٻنهي اڳواڻڻ نئين جديد ڪمپليڪس (چانسري ۽ سفير جي رهائشگاهه) جي تختي جي نقاب ڪشائي ڪئي. ياد رهي ته پاڪستان 1992ع ۾ سفارتخاني جي لاءِ زمين جو عطيو ڏنو هو ۽ ان منصوبي جي لاءِ 10 لک ڊالر پڻ ڏنا. فلسطين جي صدر محمود عباس منصوبو مڪمل ڪرڻ جي لاءِ مالياتي ۽ فني تعاون تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن ان کي پاڪ فلسطين پائيدار دوستي جي علامت قرار ڏنو. ان کان اڳ فلسطيني سفارتخاني اچڻ تي صدر محمود عباس وزيراعظم جي شاندار آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن شاندار انداز ۾ هٿ ملايو ۽ هڪ ٻئي سان ڳلي مليا جڏهن ته هڪ ننڍڙي ٻارڙي وزيراعظم کي گلدستو پيش ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. بعد ۾ وزيراعظم سفارتخاني جا مختلف حصا ڏٺا. وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ فلسطيني صدر پاڪستان ۽ فلسطين جي جهنڊن سان سينگاريل ڪيڪ پڻ ڪاٽيو. ٻنهي اڳواڻن سفارتخاني جي عمارت تي فلسطين جو جهنڊو پڻ پڙڪايو. وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ صدر محمود عباس مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجي تاثر پڻ لکيا. سينيٽ ۾ قائد ايوان راجا ظفرالحق ۽ سيفران وارو وفاقي وزير ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ پڻ تقريب ۾ موجود هئا۔