عالمي برادري اولهندي ڪناري کان اسرائيلي آبادين جي خاتمي جي گهرجائو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2334 تي عملدرآمد ڪرائي: وزيراعظم نواز شريف/ فلسطيني صدر محمود عباس

عالمي برادري اولهندي ڪناري کان اسرائيلي آبادين جي خاتمي جي گهرجائو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2334 تي عملدرآمد ڪرائي: وزيراعظم نواز شريف/ فلسطيني صدر محمود عباس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 31جنوری2016ء) پاڪستان ۽ فلسطين عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها اولهندي ڪناري کان اسرائيلي آبادين جي خاتمي جي گهرجائو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2334 تي عملدرآمد ڪرائي. ان ڳالهه جو اظهار وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ فلسطين جي صدر محمود عباس ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فلسطين – اسرائيل تڪرار جي منصفاڻي حل کانسواءِ وچ اوڀر ۾ پائيدار امن حاصل نه ٿو ڪري سگهجي. وزيراعظم محمد نواز شريف فلسطيني ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي پڪي وابستگي کي ورجائيندي چيو ته پاڪستان هر فورم تي فلسطيني ڪاز جي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته اسان وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ ان ڏس ۾ عالمي برادري جي مخلصاڻي ڪوششن جا پڻ خواهشمند آهيون. وزيراعظم چيو ته فلسطين مسئلو گڏيل قومن جي اجينڊا تي پراڻو مسئلو آهي ۽ اهو عملي حل جو گهرجائو آهي. هن چيو ته عالمي طور تي متفقه پيراميٽرز، 1967ع کان اڳ جي سرحدن ۽ القدس شريف رياست جي گادي واري شهر جي بنياد تي فلسطين جي هڪ موزون ۽ آزاد رياست قائم ڪرڻ امن جي واحد پائيدار ضمانت آهي. هن ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ته اوسلو معاهدو ٻه رياستي حل جي حمايت ۾ امن ۽ عالمي برادري جي اتفاق جو خاڪو پيش ڪري ٿو جنهن تي ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد وانگر عملدرآمد نه ٿيو. هن ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ نئين فلسطيني ڪمپيلڪس جي افتتاح تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته عمده فن تعمير وارو هي منصوبو اسان جي ڀائراڻن لاڳاپن جي زندهه علامت آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي يڪجهتي جو اظهار پڻ آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام خاص طور تي اول قبلي سان پنهنجي جذباتي ڳانڍاپي جي بنياد تي فلسطين سان تمام گهڻي عقيدت ۽ محبت رکي ٿي. هن چيو ته صدر محمود عباس سان ڪشمير ۽ فلسين جي مسئلن بابت عالمي اڳڀرائي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. هن چيو ته وزيراعظم سان ملاقات ۾ هن وزيراعظم کي قرارداد 2334 تي عملدرآمد جي لاءِ تازين ڪوششن ۽ فلسطين جي مسئلي کي زندهه رکڻ بابت آگاهه ڪيو. هن وزيراعظم کي فلسطيني قوم خاص طور تي مقدس جاين تي جاري اسرائيلي ظلمن بابت پڻ آگاهه ڪيو. صدر محمود عباس چيو ته ڀائر نواز شريف سان ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ٿيون جيڪي وقت گڏ مستحڪم ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ملاقات ۾ خطي ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي معاملي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته اسان تعليم ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون، هزارين فلسطيني شاگردن پاڪستان جي تعليمي ادارن مان فائدو کڻي رهيا آهن جيڪا حوصلي جوڳي ڳالهه آهي. هن ٻطرفن لاڳاپن جي استحڪام جي لاءِ گڏيل ڪميٽي قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن اسلام آباد ۾ فلسطيني سفارتخاني جي نئين عمارت قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي تعاون جا ٿورا مڃيا. هن مهمان نوازي تي پڻ ٿورا مڃيا. ان موقعي تي وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز، وزيراعظم جو خصوصي معاون طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري پڻ موجود هئا.