قومي معيشت جي استحڪام جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي تي ڌيان ڏيڻ اڻٽر آهي: صدر ممنون حسين

قومي معيشت جي استحڪام جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي تي ڌيان ڏيڻ اڻٽر آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 31جنوری2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته قومي معيشت جي استحڪام جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي تي ڌيان ڏيڻ اڻٽر آهي ۽ نئين نسل کي جديد علمي ۽ فڪري رجحانن کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو استعمال تمام گهڻو ضروري آهي. هن اها ڳالهه اربع ڏينهن هتي پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف پاڪستان ۾ انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي اهتمام هيٺ ”پاڪستان موبائيل ايپ ايوارڊز 2016ع“ جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير انوشه رحمان، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر سيد اسماعيل شاهه کانسواءِ مهمانن جو هڪ وڏو تعداد موجود هو، صدر چيو ته حڪومت عوام کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ان جون ترجيحون ۽ حڪمت عملي درست رخ ۾ آهن. هن چيو ته خصوصي ماڻهن کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت سمورا وسيلا استعمال آڻي رهي آهي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهو اسان جي معاشري جو حصو آهن ۽ انهن جي خدمت دکي انسانيت جي خدمت آهي، هن چيو ته ڳالهائڻ، ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي صلاحيت سميت ٻين ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار ماڻهن جي آساني جي لاءِ اهڙي اپيليڪيشنز تيار ڪيون ويون آهن جنهن مان هو فائدو کڻي سگهن ٿا. صدر چيو ته هي تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي ته حڪومت خصوصي ماڻهن جي زندگي ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي لاءِ ايپلي ڪيشنز تيار ڪرڻ جو مقابلو منعقد ڪرايو جنهن ۾ آءِ ٽي جي ماهرن جي وڏي تعداد حصو ورتو، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ پي ٽي اي جا ذميدار آئنده به انهي جذبي سان پنهنجي خدمتن جو سلسلو جاري رکندا. صدر چيو ته دنيا جي آبادي جو 15 سيڪڙو اهڙن ماڻهن تي مشتمل آهي جيڪي ڪنهن نه ڪنهن مسئلي سبب خصوصي ماڻهن جي زمري ۾ اچن ٿا، ان زماني ۾ اهڙا ذهين ۽ باصلاحيت ماڻهو به وڏي تعداد ۾ پيدا ٿيا جنهن پنهنجي جسماني معذوري کي خاطر ۾ آڻڻ کانسواءِ انسانيت جي لاءِ عظيم خدمتون سرانجام ڏنيون. جيڪڏهن هي ماڻهو موجوده دور ۾ دستياب سهولتن کانسواءِ ايترا وڏا ڪارناما سرانجام ڏئي سگهن ٿا ته اڄ جا ماڻهو ايتري آساني جي باوجود هي ڪم سرانجام ڇو نٿا ڏئي سگهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ گهڻو ٽيلينٽ آهي ۽ان کي صحيح طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، صدر چيو ته حڪومت پاڪستان انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي جي لاءِ اهم قدم کنيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ حڪومت جون ترجيحون ۽ حڪمت عملي درست آهي، حڪومت آپٽيڪل فائبر جي تنصيب جي مختلف منصوبن تحت ٿري جي ۽ براڊ بينڊ سروسز سميت ان شعبي جي لاءِ فراخ دلي سان فنڊ فراهم ڪيا آهن جنهن سان ملڪ جي پوئتي پيل ۽ ڏورانهن ٻهراڙي جي علائقن تائين آپٽيڪل فائبر جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي انسان جي علمي ۽ فني سفر جي رفتار ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، انفارميشن ۾ ترقي جي لاءِ آءِ ٽي پارڪ ۽ نوجوانن جي تربيت جي لاءِ تعليمي ادارا قائم ڪيا آهن ۽ ابتدائي جماعتن ۾ ئي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي، مختلف فني شعبن بابت خصوصي تربيتي پروگرام شروع ڪيا ويا آهن، جديد علم تائين رسائي جي لاءِ شاگردن جي لاءِ ليپ ٽاپ اسڪيم جاري ڪئي وئي آهي ۽ نوجوانن کي خصوصي طور تي وظيفا به ڏنا پيا وڃن. صدر چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي موجوده دور ۾ انساني ترقي جي رفتار کي تيز ڪري ڇڏيو آهي ۽ان شعبي ۾ مهارت حاصل ڪندڙ قومن پنهنجي اقتصادي حالت کي بهتر ڪيو آهي، هن چيو ته اسان جو نوجوان طبقو انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ انقلاب برپا ڪري ملڪ جي وسيلن ۾ گهڻو اضافو ڪري سگهي ٿو، صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي کي مستقبل جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻندي. ان موقعي تي صدر 2016ع ۾ ايپلي ڪيشنز ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکايندڙ ماهرن کي اعزازن سان نوازيو.