وزيراعظم سان سنڌ جي نامزد گورنر محمد زبير جي ملاقات

وزيراعظم سان سنڌ جي نامزد گورنر محمد زبير جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 31جنوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف سان سنڌ جي نامزد گورنر محمد زبير اڱاري ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي، وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم نامزد گورنر کي سندس نئين ذميداري تي مبارڪباد ڏيندي کيس پنهنجي ڀرپور حمايت جي خاطري ڪرائي. محمد زبير اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته هو سنڌ جي عوام جي خدمت جي لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندو.