فلسطين جي صدر جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ باضابطه آجياڻي تقريب

فلسطين جي صدر جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ باضابطه آجياڻي تقريب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 31جنوری2016ء) فلسطين جي صدر محمود عباس جي اعزاز ۾ ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ باضابطه آجياڻي تقريب منعقد ٿي، جيڪو گذريل رات پاڪستان جي دوري تي پهتو هو. وزيراعظم محمد نواز شريف وزيراعظم هائوس ۾ مرڪزي دروازي تي مهمان صدر جو والهاڻو استقبال ڪيو، پاڪ فوج جي دستي کيس سلامي پيش ڪئي، ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا، صدر محمود عباس گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو، ان کانپوءِ وزيراعظم محمد نواز شريف پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن جو فلسطيني صدر سان تعارف ڪرايو جڏهن ته فلسطيني صدر پنهنجي وفد جو وزيراعظم سان تعارف ڪرايو، ان کانپوءِ وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ فلسطيني صدر محمود عباس جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون۔