آدمشماري ۾ صرف شناختي ڪارڊ رکندڙ ماڻهن کي ڳڻپ ۾ آڻڻ ۽ شناختي ڪارڊ نه رکندڙن کي آدمشماري ۾ شامل نه ڪرڻ جي پاليسي تي نظرثاني ڪئي وڃي: سيد نويد قمر

آدمشماري ۾ صرف شناختي ڪارڊ رکندڙ ماڻهن کي ڳڻپ ۾ آڻڻ ۽ شناختي ڪارڊ نه رکندڙن کي آدمشماري ۾ شامل نه ڪرڻ جي پاليسي تي نظرثاني ڪئي وڃي: سيد نويد قمر

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 31جنوری2016ء) پاڪستان پيپلزپارٽي جي پارلياماني اڳواڻ سيد نويد قمر چيو آهي ته آدمشماري ۾ صرف شناختي ڪارڊ رکندڙ ماڻهن کي ڳڻپ ۾ آڻڻ ۽ شناختي ڪارڊ نه رکندڙن کي آدمشماري ۾ شامل نه ڪرڻ جي پاليسي تي نظرثاني ڪئي وڃي ڇو ته ان سان وڏي تعداد ۾ ماڻهو شمار ٿيڻ کان رهجي ويندا. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي هن چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پوءِ ملڪ ۾ آدم شماري ٿيڻ وڃي رهي آهي، حڪومت شرط لاڳو ڪئي آهي ته جنهن وٽ شناختي ڪارڊ نه آهن اهي ڳڻپ ۾ نه ايندا، هي آئين ۽ قانون جي خلاف آهي، هن چيو ته ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن وٽ شناختي ڪارڊ ئي نه آهن، اهڙي طرح بلوچستان سميت ڏرانهن علائقن جا ماڻهو آدمشماري کان رهجي ويندا، هي صورتحال اسان کي ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه هوندي، حڪومت ان معاملي جو نوٽيس وٺي ۽ ان پاليسي تي نظرثاني ڪري، چيئرپرسن چيو ته هي اهم مسئلو آهي حڪومت ان جو نوٽيس وٺي.