ليگل پريڪٽيشنرز بار ڪائونسل (ترميمي) بل 2017ع قومي اسيمبلي ۾ پيش

ليگل پريڪٽيشنرز بار ڪائونسل (ترميمي) بل 2017ع قومي اسيمبلي ۾ پيش

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 31جنوری2016ء) ليگل پريڪٽيشنرز بار ڪائونسل (ترميمي) بل 2017ع قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو جڏهن ته قانون واري وزير زاهد حامد چيو آهي ته پاڪستان ۽ صوبائي بار ڪائونسلز ۾ عورتن جي نمائندگي جي لاءِ ان بل تي بار ڪائونسل جي نمائندي سان به مشاورت ڪرڻي پوندي. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سمن سلطانه جعفري ليگل پريڪٽيشنرز اينڊ بار ڪائونسل (ترميمي) بل 2017ع پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، هن ٻڌايو ته پاڪستان بار ڪائونسل ۽ صوبائي بار ڪائونسلز ۾ عورتن جي نمائندگي هجڻ گهرجي، قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد ان جي مخالفت نه ڪئي ۽ چيو ته ان کي لاڳاپيل ڪميٽي جي حوالي ڪيو وڃي، هن رٿ جي منظوري کانپوءِ بل پيش ڪيو.