قومي اسيمبلي ۾ ترقياتي اداري اٿارٽي (ترميمي) بل 2017ع پيش ڪرڻ جي رٿ رد

قومي اسيمبلي ۾ ترقياتي اداري اٿارٽي (ترميمي) بل 2017ع پيش ڪرڻ جي رٿ رد

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 31جنوری2016ء) قومي اسيمبلي ترقياتي اداري اٿارٽي (ترميمي) بل 2017ع پيش ڪرڻ جي رٿ رد ڪري ڇڏي. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اسد عمر رٿ پيش ڪئي ته وفاقي ترقياتي اداري اٿارٽي (ترميمي) بل 2017ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، هن چيو ته اسلام آباد ۾ تمام گهٽ قيمت تي زمين حاصل ڪئي ويندي آهي ۽ رقم به ادا ناهي ڪئي ويندي، ماڻهن کي مشڪلاتون درپيش آهن، ان حوالي سان سي ڊي اي جوموجوده اختيار ختم ڪيو وڃي، مملڪتي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري بل جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته 1960ع ۾ اسلام آباد جو پلان منظور ٿيو، هيستائين اسلام آباد جي توسيع جو ڪم جاري آهي، ان قانون جي ضرورت آهي، ڪجهه مسئلا جن جي نشاندهي ئي فاضل ميمبر ڪئي آهي اها درست آهي، زمين حاصل ڪرڻ جي لاءِ قيمتن ۽ مالڪن کي ادائيگين جي نظام کي بهتر بڻايو پيو وڃي، هن چيو ته سي ڊي اي ڪيترن ئي ڳوٺن جي 10 ارب روپين جي باقيدار آهي، اسپيڪر چيو ته جن ماڻهن کي سڄي ڪمائي زمين جو ٽڪرو هوندي آهي اهي ڇا ڪندا، ان بل کي ڪميٽي جي حوالي ٿيڻ گهرجي، اسد عمر چيو ته جيستائين زمين تي ترقياتي ڪم شروع نٿو ٿي وڃي ماڻهن کي ادائيگي ناهي ٿيندي، بل کي ڪميٽي جي حوالي ڪيو وڃي، مملڪتي وزير طارق فضل چوڌري چيو ته زمين جي معاوضن جي ادائيگي ۽ بل ٻه مختلف شيون آهن، اها ڳالهه درست نه آهي ته جيستائين سيڪٽر ۾ ترقياتي ڪم ناهن ٿيندا زمين جي معاوضن جي ادائيگي ناهي ٿيندي، معاوضن جي ادائيگي جي معاملي کي بيشڪ ڪميٽي جي حوالي ڪيو وڃي، بل کي ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جي ضرورت نه آهي، قومي اسيمبلي بل پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏني.