فوجداري قانون ترميمي بل 2017ع قومي اسيمبلي ۾ پيش

فوجداري قانون ترميمي بل 2017ع قومي اسيمبلي ۾ پيش

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 31جنوری2016ء) فوجداري قانون ترميمي بل 2017ع قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو جنهن کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو، ڪالهه اڱاري ڏينهن ايم ڪيو ايم جي ميمبر ايس اي اقبال قادري ايوان ۾ بل پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، ايوان مان اجازت ملڻ کانپوءِ هن بل پيش ڪيو، هن بل جا مقصد بيان ڪندي چيو ته هن بل جو بنيادي مقصد پاڪستان جي شهرين کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ملوث ڪرڻ کان روڪڻ آهي، قانون واري وزير زاهد حامد چيوته پهرين ئي سي آر پي سي ۾ ترميم جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ٿيل آهي، ان مرحلي تي هو ان بل جي به مخالفت نه ڪندا، ان کي ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي جنهن تي اسپيڪر بل ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو.