سي پي اين اي جي وفدجي اطلاعات ۽ نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي سيڪريٽريري سان ملاقات

سي پي اين اي جي وفدجي اطلاعات ۽ نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي سيڪريٽريري سان ملاقات

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔28 جولائی۔2016) سي پي اين اي جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي ميمبرن جي صدر ضياءُ شاهد ۽ سيڪريٽري جنرل اعجاز الحق جي سربراهي ۾ هڪ وفد ڪالهه خميس ڏينهن هتي اطلاعات ۽ نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي سيڪريٽريري ايس ايم عمران گرديزي سان ملاقات ڪئي ۽ پرنٽ ميڊيا بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، هي فيصلو ڪيو ويو ته ايڊورٽائيزمينٽ بابت انگ اکر پي آءِ ڊي جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيا ويندا، وفاقي سيڪريٽري وفد کي ٻڌايو ته سي پي اين اي جي درخواست تي وزارت سيڪريٽري جي سربراهي ۾ هڪ اعليٰ سطحي رابطا ڪميٽي جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن پرنٽ ميڊيا بابت مسئلا حل ڪري سگهجن، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سي پي اين اي مشاورت کانپوءِ رابطا ڪميٽي لاءِ نالن جو اعلان ڪندي، اجلاس ۾ ميڊيا جي سيڪيورٽي جي معاملي جو به تفصيلي جائزو ورتو ويو، سي پي اين اي ميڊيا هائوسز جي سيڪيورٽي آڊٽ لاءِ وفاقي علائقي ۾ قدمن کي ساراهيندي صوبن ۾ ان جي تقليد نه ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، سيڪريٽري وفد کي خاطري ڪرائي ته ان سلسلي ۾ هر ممڪن قدم کنيا ويندا ۽ صوبن ۾ ميڊيا هائوسز جي تحفظ ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ صوبائي حڪومتن کي فعال ڪيو ويندو، هن چيو ته حڪومت جي ذميداري آهي ته ميڊيا هائوسز جي آزاداڻي، منصفاڻي ۽ محفوظ ڪم انجام ڏيڻ لاءِ سازگار فضا فراهم ڪئي وڃي، پي پي اين اي کي پلاٽ جي الاٽمينٽ جي حوالي سان سيڪريٽري وفد کي ٻڌايو ته سي پي اين اي جي اسلام آباد جي هيڊڪوارٽر لاءِ پلاٽ جي فراهمي لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي عملدرآمد لاءِ ضروري قدم کنيا ويا، سي پي اين اي ميڊيا جي ڪارڪنن کي ملڪي سفر لاءِ رعايت ڏيڻ جي سلسلي ۾ پي آءِ اي ۽ پاڪستان ريلوي جي سخت طريقيڪار جو مسئلو به اٿاريو ۽ هي فيصلو ڪيو ويو ته هي معاملو لاڳاپيل کاتن آڏو اٿاريو ويندو ته جيئن ميڊيا جي ڪارڪنن کي سهولت هجي، عمران گرديزي وفد کي يقين ڏياريو ته هي عمل سادو بڻايو ويندو ته جيئن ميڊيا ڪارڪنن کي سهولت حاصل ٿئي، سي پي اين اي وفاقي حڪومت کي اشتهارن بابت اشوز جو به ذڪر ڪيو، وفاقي سيڪريٽري چيو ته اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وزارت ان سلسلي ۾ سي پي اين اي جي جائز مطالبن جو احترام ڪري ٿي، اجلاس ۾ هي به فيصلو ڪيو ويو ته سي پي اين اي سان ايندڙ اجلاس ۾ اشتهارن بابت سمورن معاملن جو قاعدن ۽ ضابطن جي روشني ۾ تفصيل سان جائزو ورتو ويندو. وفاقي سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته پي آءِ ڊي اشتهارن جي ورڇ جي منصفاڻي نظام لاءِ پنهنجي ويب سائيٽ تي سمورا تفصيل جاري ڪرڻ جو آغاز ڪيو آهي، سي پي اين اي جي درخواست تي فيصلو ڪيو ويو آهي ته پي آءِ ڊي هفتي ۾ ٻه ڀيرا پنهنجي ويب سائيٽ تي سمورن اشتهارن جا انگ اکر جاري ڪندي. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ طرفان تصديق ۽ ادائيگين جي سلسلي ۾ اخبارن کي انوائسز ۽ ضروري بل اشتهارن جي ايجنسين طرفان پيش ڪيل ايڊورٽائيزمينٽ ڪليمز ۾ شامل ڪيا ويندا، اطلاعات واري سيڪريٽري چيو ته پي آءِ ڊي برابري جي بنياد تي علائقائي ننڍين اخبارن جي اشتهارن کي يقيني بڻائيندي آهي، اجلاس ۾ آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن ۽ اخبارن جي رجسٽريشن بابت ٻين معاملن جو به جائزو ورتو ويو ۽ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي جيڪي انهن معاملن جو تفصيلي سان جائزو وٺندي، ڪميٽي جو اجلاس 10 آگسٽ تي ٿيندو ۽ وزارت پرنٽ ميڊيا بابت معاملن جي حل لاءِ ضروري قدمن کڻندي، پرنسپل انفارميشن آفيسرز رائو تحسين علي خان ۽ وزارت جي ٻين سينئر آفيسرن به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 21:19