سي پيڪ بابت چين سان ٿيل مفاهمتي يادداشتون سينيٽ چيئرمين کي پيش ڪيون وينديون: احسن اقبال

سي پيڪ بابت چين سان ٿيل مفاهمتي يادداشتون سينيٽ چيئرمين کي پيش ڪيون وينديون: احسن اقبال

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔28 جولائی۔2016) منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته سي پيڪ جي حوالي سان چين سان جنهن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿيون اهي دستاويز سينيٽ چيئرمين کي پيش ڪيا ويندا، جنهن کي ميمبر به ڏسي سگهندا، سي پيڪ جي حوالي سان حڪومت ڪجهه لڪائي نه رهي آهي پر هي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاملو آهي ان لاءِ دستاويزن کي عام نٿو ڪري سگهجي، ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ ۾ چيئرمين گذريل ڏينهن ٿيندڙ بحث مان اٿندڙ سوالن جي وضاحت جي لاءِ وفاقي وزير احسن اقبال کي خيالن جي اظهار لاءِ دعوت ڏني جنهن تي هن چيو ته سي پيڪ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشت تي جيڪي صحيحون ٿيون ان ۾ پاڪستان طرفان مون صحيح ڪئي آهي، هي مفاهمتي يادداشت هڪ فريم ورڪ جو تعين ڪري ٿي، ان تحت گڏيل اعليٰ سطحي ڪميٽي ٺهي آهي جيڪو اسٽيئرنگ ميڪنزم آهي ان تحت جوائنٽ ورڪنگ گروپس بڻيا آهن جن ۾ مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويندو، جڏهن ڪنهن منصوبي تي ٻنهي ملڪن جو اتفاق ٿيندو ته ان کي منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ويندو، سي پيڪ جي حوالي سان ڪجهه لڪائي نه رهيا آهيون، ضروري دستاويز سينيٽ چيئرمين کي پيش ڪندس جيڪي ميمبر به ڏسي سگهن ٿا پر سي پيڪ جي حوالي سان ايم او يو سڀني جي لاءِ عام نه ٿئي ته سٺو آهي هي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاملا هوندا آهن. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 21:09