ڀارت کي يقين آهي ته ڪشميري عوام پاڪستان جي حق ۾ ووٽ ڏيندا: راجا ظفرالحق

ڀارت کي يقين آهي ته ڪشميري عوام پاڪستان جي حق ۾ ووٽ ڏيندا: راجا ظفرالحق

اسلام آباد(پاکستان نیوز پوائنٹ 28جنوری2016ء) سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر راجا محمد طفرالحق چيو آهي ته ڀارت کي يقين آهي ته جڏهن به ڪشميري عوام کان راءِ ورتي ويندي ته اهي پاڪستان جي حق ۾ ووٽ ڏيندا ۽ وزيراعظم محمد نواز شريف جي مضبوط موقف تي بيانن ۽ عالمي سطح تي ڪيل ڪوششن سان ڪشمير مسئلي جو حل جلد نظر اچي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن برهان واني جي شهادت کي 200 ڏينهن مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان سيمينار ”ڪشمير مسئلي جي حل ۾ درپيش رڪاوٽون ۽ نوجوان نسل جون ذميواريون“ ۾ خصوصي مهمان جي حيثيت سان ڪيو. اهو سيمينار تحريڪ آزادي ڪشمير جي اهتمام هيٺ متحده شاگرد محاذ اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ ڪيو ويو. راجا محمد ظفرالحق چيو ته جهڙي طرح نوجوان نسل هن سيمينار جو ڀرپور اهتمام ڪيو آهي ۽ پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو آهي تحريڪ آزادي جي منزل يقيني آهي. ڪشمير ڀارت جو ڪڏهن حصو نه هو ان مسئلي جي حوالي سان ڪيتريون قراردادون اتفاق راءِ سان منظور ٿيون ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل جي ڪنهن ميمبر به مخالفت نه ڪئي ۽ جيڪو ملڪ گڏيل قومن جي قراردادن جي مخالفت ڪري ٿو ان کي سيڪيورٽي ڪائونسل جو ميمبر رهڻ جو حق نه آهي. ڪشميري نوجوان عوام تي ڀارتي ظلمن ۽ بربريت کي سڄي دنيا ۾ عام ڪن ۽ عالمي دنيا ڪشمير مسئلي جي حل کي موثر طور تي محسوس ڪيو آهي اسان کي گڏجي اتفاق سان ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 18:22