سينيٽ جي مواصلات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي مواصلات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 27جنوری2016ء) سينيٽ جي مواصلات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر دائود خان اچڪزئي جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ تازين برساتن ۽ برف باري سبب بلوچستان ۾ روڊن جي نيٽ ورڪ کي پهچندڙ نقصانن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سجاد حسين طوري، عثمان خان ڪاڪڙ، يوسف باديني، نثار خان، اعظم سواتي سميت مواصلات واري وزارت ۽ اين ايڇ اي جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي مواصلات واري وزارت جي لاڳاپيل ادارن کي نقصانن جي مڪمل ڪاٿي جون هدايتون جاري ڪيون ۽ چيو ته آئنده اهڙي قسم جي نقصانن کان بچڻ لاءِ خصوصي قدم کنيا وڃن. اي پي پي/ش – چ/ ر – م 21:56