شهريار آفريدي کي پارليامينٽ هائوس ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو

شهريار آفريدي کي پارليامينٽ هائوس ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 27جنوری2016ء) پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر شهريار آفريدي کي اليڪشن ڪميشن ۾ ساليانو ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تي پارليامينٽ هائوس ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو، شهريار آفريدي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ جڏهن پارليامينٽ هائوس جي گيٽ نمبر هڪ تي پهتو ته قومي اسيمبلي جي سيڪيورٽي تي مقرر عملي شهريارآفريدي کي پارليامينٽ هائوس ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ چيو ته توهان اليڪشن ڪميشن ۾ ساليانو ٽيڪس گوشوارا جمع ناهن ڪرايا جنهن تي قومي اسيمبلي ميمبر شهريار آفريدي واپس هليو ويو. اي پي پي/ش – چ/ ر – م 16:34