قومي اسيمبلي ۾ خميس ڏينهن پيش آيل واقعو افسوسناڪ هو: اسپيڪر قومي اسيمبلي

قومي اسيمبلي ۾ خميس ڏينهن پيش آيل واقعو افسوسناڪ هو: اسپيڪر قومي اسيمبلي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 27جنوری2016ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ خميس ڏينهن پيش آيل واقعو افسوسناڪ هو، قائدايوان ۽ ميمبرن جي باري ۾ ٻنهي طرفن کان جيڪي لفظ استعمال ٿيا ان سان ايوان جو تقدس مجروح ٿيو آهي،سمورن پارلياماني اڳواڻن سان گڏجي ايوان هلائڻ جي لاءِ ضابطه اخلاق جوڙڻو آهي، جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ تلاوت ڪلام پاڪ ۽ نعت رسول مقبول صه کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته خميس ڏينهن ايوان ۾ جيڪو واقعو پيش آيو اهو افسوسناڪ هو، ايوان ۾ جيڪي لفظ هڪٻئي جي لاءِ استعمال ڪيا ويا انهن سان هن هائوس جو تقدس مجروح ٿيو، هن چيو ته اهڙي طرح ايوان نٿو هلائي سگهجي، هن چيو ته هو پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس گهرائي ان حوالي سان ضابطه اخلاق جوڙينداسين جنهن تي هن اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ پينل آف چيئرپرسن جي ميمبر محمود بشير ورڪ اجلاس جي صدارت ڪندي اجلاس سومر جي شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. . اي پي پي/ش – چ/ ر – م 16:32