مستقبل ۾ معاشي ميدان ۾ تمام سخت مقابلي کي منهن ڏيڻو پوندو: وزيراعظم

مستقبل ۾ معاشي ميدان ۾ تمام سخت مقابلي کي منهن ڏيڻو پوندو: وزيراعظم

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 27جنوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته مستقبل ۾ معاشي ميدان ۾ تمام سخت مقابلي کي منهن ڏيڻو پوندو، جديد علم تي ڌيان نه ڏنو ته اسان دنيا جو مقابلو نه ڪري سگهنداسين، پوري ملڪ جي تعليمي ادارن کي جديد سهولتن ۽ شاگردن کي جديد علم سان آراسته ڪيو ويندو. جهالت جي انڌيرن مان نڪري علم جي روشني سان منور مستقبل حاصل ڪرڻ صرف انهي صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن اسان جا معصوم اهڙي معياري تعليم حاصل ڪري سگهن جيڪا زندگي جي هر شعبي ۾ رهنمائي فراهم ڪري. هو جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس ۾ ”21 هين صدي جي لاءِ مضبوط پاڪستان جي تياري“ جي موضوع تي تقريب ۾ خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو، تقريب جو اهتمام پاڪستان الائنس فار ميٿ اينڊ سائنس ڪيو هو ۽ ان ۾ پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن وارو وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي، فوڊ سيڪيورٽي وارو وفاقي وزير سڪندر حيات بوسڻ، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن جو خاص مددگار طارق فاطمي، سيڙپڪاري وارو وزير مفتاح اسماعيل کانسواءِ قومي اسيمبلي ميمبر، تعليمي ماهرن ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته تعليم جو موضوع انتهائي اهميت رکندڙ آهي، رياضي ۽ سائنس اسان جي لاءِ اجنبي محاورا ناهن، انهن علمن جون پاڙون تمام گهريون آهن، بنا شڪ جي اسان جي مستقبل جو دارومدار انهي علم ۾ مهارت تي آهي، هن چيو ته اسان اهڙي خطي ۾ رهندا آهيون جنهن جي تهذيب ۽ ورثو صديون پراڻا آهن ۽ هي تهذيب مختلف علمن ۾ مهارت رکندڙ هئي، هن چيو ته ٽيڪسلا، هڙپا، مهر گڙهه ۽ موهن جو دڙو جي تهذيب ۽ ان جا آثا قديم مان واضح آهي ته هن خطن جي رهواسين زماني جي سڀ کان اڳڀرا ۽ ترقي يافته ماڻهو هئا، انهن جا ننڍا وڏا اوزار، انهن جون عمارتون، انهن جو طرز تعمير ۽ انهن شهرن جو ڍانچو ۽ ڊزائين اڄ به ماهرن لاءِ ڌيان جو مرڪز آهي. وزيراعظم چيو ته دنيا مان جهالت جو انڌيرو ختم ڪرڻ لاءِ نبي ڪريم صه جو ظهور ٿيو ۽ ان جي وسيلي سان عرب سان پوري دنيا ۾ نور پکڙيو، قرآن پاڪ ۾ هر هنڌ تحقيق ۽ غور ۽ فڪر ڪرڻ جو زور ڏنو ويو ۽ انهي ثقافتي تسلسل جي نتيجي ۾ اسلامي دنيا ۾ ماهر فلڪيات، رياضي دان، ماهر حياتيات ۽ طبيعات پيدا ٿيا. بو علي سينا، البيروني، جابر بن حيان جهڙن سائنسدانن ۽ رياضي دانن تجربيگاهن ۽ سائنسي طرز فڪر جو بنياد رکيو، هن چيو ته اسلامي تهذيب ۽ تمدن ۾ انهن ماهرن جو اهم ڪردار رهيو، وزيراعظم چيو ته الله جو شڪر آهي جو اڄ اسان پاڪستان جي آزاد فضا ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي سياسي بيداري ۾ به تعليم يافته اڳواڻن جو اهم ڪردار آهي، سر سيد احمد خان، علامه اقبال کان وٺي قائداعظم محمد علي جناح تائين سڀني علمي ۽ سياسي ميدان ۾ مسلمانن کي بيدار ڪيو . وزيراعظم چيو ته يورپ جي جوهري تحقيق بابت اداري (سرن) جي ماهرن پاڪستان کي ايسوسيئيٽ ميمبر طور تسليم ڪيو آهي، اهو اعزاز رکندڙ پاڪستان پهريون غير يورپي ملڪ آهي ۽ ان اعزاز جو سهرو پاڪستاني انجنيئرن ۽ سائنسدانن ڏانهن وڃي ٿو جيڪي دنيا ۾ تحقيقي ادارن ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن پر ان حقيقت کان ڪڏهن به منهن ناهي موڙيو، ماضي ۾ حڪومتون تعليمي شعبي تي گهربل ڌيان نه ڏئي سگهيون ته بدلجندڙ زماني ۾ غذائي تحفظ ۾ درپيش چئلينجن کي ڪنهن منهن ڏيڻو آهي، ماحولياتي خطرن کي ڪهڙي طرح ختم ڪرڻو آهي ۽ سائنسي بنيادن تي تعليمي نظام ۽ صنعتن کي منظم ڪري استحڪام ڪيئن حاصل ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ٻارن جي لاءِ لائحه عمل بڻائڻو آهي ۽ ان سلسلي ۾ غفلت جو مظاهرو ڪيو ته تاريخ اسان کي معاف نه ڪندي. هن چيو ته گذريل هفتي هن ڊيووس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ فورم ۾ آيل مائيڪرو سافٽ ڪمپني جي باني بل گيٽس ۽ علي بابا جي باني جيڪ ما سان ملاقاتون ڪيون، وزيراعظم چيو ته دنيا چوٿين صنعتي انقلاب جي تياري ڪري رهي آهي، رياضي ۽ سائنس جو هر طرف هُل آهي، دنيا روزاني نئين ايجادن ۾ مصروف آهي، وزيراعظم جي حيثيت سان مون کي ان ڳالهه جو شدت سان احساس آهي ته ايندڙ وقت ۾ معاشي ميدان ۾ سخت مقابلو ٿيندو، جيڪڏهن اسان جي افرادي قوت ۾ سوچڻ ۽ ڪم ڪرڻ جو طريقو سائنسي اصولن ۽ طريقن تي نه هوندو ته بدلجندڙ دنيا جو مقابلو نه ڪري سگهنداسين. هن چيو ته پراڻي سوچ سان ۽ سائنس کانسواءِ اسان جي معيشت اڳتي نه وڌي سگهندي، گذريل حڪومتن جي دورن ۾ نوجوانن کي نوڪرين جا خواب ڏيکاريا، پر هاڻي اسان روشن پاڪستان جو خواب ڏسون ٿا اهو خواب ميٽرڪ تائين تعليم يا نوڪرين تائين محدود نه آهي پر هي نئين نسل ۾ تخليقي صلاحيتن جي فروغ جي ذريعي کين اڳتي وڌڻ ۽ قيادت ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي، وزيراعظم چيو ته اسان جي مستقبل جو دارو مدار سائنس ۽ رياضي تعليم تي آهي، هن چيو ته وفاقي گادي واري شهر جي سمورن اسڪولن ۾ جديد سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ منهنجي ان خواب جي تعبير جي هڪ ڪڙي آهي، پائلٽ پراجيڪٽ طور هلايل هي سڌارن وارا قدم ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پکڙندا، ملڪ جي سمورن صوبن، سمورن علائقن ۾ قابل استادن جي موجودگي ۾ نئين نسل کي جديد علم سان آراسته ڪيو ويندو، هن چيو ته سياسي مصلحتن کان مٿانهون ٿي رياضي ۽ سائنس جهڙن مضمونن جي تعليم جو معيار بلند ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. ٻارن جي مستقبل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين. هن ڪيڊ واري وزارت ۽ صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي ته رياضي ۽ سائنس جي تعليم جي حوالي سان اڄ پيش ڪيل رپورٽ جو جائزو وٺن ۽ ان جي سفارشن کي ڏسڻ ۽ ان تي عملدرآمد جي لاءِ حڪمت عملي جوڙين، وزيراعظم چيو ته جهالت جي انڌيرن کان نڪري علم جي روشني سان منور مستقبل حاصل ڪرڻ صرف انهي صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن اسان جا معصوم اهڙي معياري تعليم حاصل ڪري سگهن جيڪا زندگي جي هر شعبي ۾ رهنمائي فراهم ڪري. ان کان اڳ ڊاڪٽر صبيح انور، ڊاڪٽر ڪلثوم حيات، مشرف زيدي، جبران سيٺي ۽ شهزاد راءِ به تقريب کي خطاب ڪيو ۽ رياضي ۽ سائنس جي تعليم جي حوالي سان شايع ٿيندڙ رپورٽ تي خيالن جو اظهار ڪيو. اي پي پي/ش – چ/ ر – م 16:29