نواز شريف کان مني ٽريل گهرندڙ شاهه محمود قريشي پنهنجو سياسي مني ٽريل ٻڌائي، هو 200 سالن کان قبرن جي ڪمائي کائي رهيو آهي:خواجه آصف

نواز شريف کان مني ٽريل گهرندڙ شاهه محمود قريشي پنهنجو سياسي مني ٽريل ٻڌائي، هو 200 سالن کان قبرن جي ڪمائي کائي رهيو آهي:خواجه آصف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26جنوری2016ء) دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته 2018ع جي چونڊن ۾ خلق خدا فيصلو ڪندي ته هن ملڪ ۾ حڪمراني جو حق ڪنهن کي آهي، نواز شريف کان مني ٽريل گهرندڙ شاهه محمود قريشي پنهنجو سياسي مني ٽريل ٻڌائي، هو 200 سالن کان قبرن جي ڪمائي کائي رهيو آهي، نواز شريف اهو واحد سياستدان آهي جيڪو ٽيون ڀيرو سرخرو، سربلند ۽ سرفراز ٿي اقتدار ۾ آيو، سڀ کان وڏو استحقاق پاڪستاني عوام جو آهي ۽ اهو استحقاق نواز شريف کي حاصل آهي، نواز شريف پاڪستان جي عوام جا مسئلا حل ڪري رهيو آهي، هن پنهنجي ٽن نسلن جو سپريم ڪورٽ ۾ حساب ڏنو آهي، اسان کان مني ٽريل پڇندڙن جي وڏن جنگ آزادي ۾ انگريزن کان زمينون حاصل ڪيون، جهڙي طرح نواز شريف مني ٽريل ڏنو آهي، هي پنهنجي جائيدادن جي حرام ۽ حلال جو مني ٽريل جو حساب ڏين، ڪالهه خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر طرفان اعتراض واري نقطي جو جواب ڏيندي وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو ته اسان تقريبن 45 منٽ ميان نواز شريف جي پنج سال تائين رهندڙ ناڻي واري وزير جي تقرير ٻڌي، جڏهن ڪنهن جو ڪنهن سان وقت گذرندو آهي ته شرم ۽ حياءُ ڪرڻو پوندو آهي، هن چيو ته اسان سپريم ڪورٽ ۾ اهڙي طرح ڪو به لفظ استعمال ناهي ڪيو، هن چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ چيو آهي ته هن ايوان جو استحقاق مجروح ٿيو آهي، ڪنهن جي ذاتي استحقاق کان يقينن سڀ کان وڌيڪ مٿانهون آهي، شاهه محمود قريشي جيڪا زبان استعمال ڪئي، جيڪي نعرا هنيا ان سان ماحول خراب ٿيو، شاهه محمود قريشي ضياءُ دور کان اسان جو ساٿي رهيو آهي هي اسان کان مني ٽريل پڇي ٿو ان کان سندس سياسي ٽريل پڇڻ گهرجي، جنهن شائستگي سان هن پنهنجو ڪيريئر شروع ڪيو ۽ سياسي فسٽريشن کيس هتي وٺي آئي آهي، ميان نواز شريف پنهنجي ٽن نسلن کي هتي احتساب لاءِ پيش ڪيو آهي، دنيا ۾ ان جو مثال نٿو ملي، وزيراعظم پنهنجي والدين، پنهنجي نياڻين ۽ پنهنجن پٽن جو حساب پيش ڪيو آهي، هن چيو ته شاهه محمود قريشي قبرن جي ڪمائي کائي رهيو آهي، سندس دستار بندي هڪ گوري ڪئي هئي، هن کي شرم نٿو اچي پر اسان کي شرم اچي ٿو، اسان کان مني ٽريل پڇندڙن جي وڏن آزادي جي جنگ ۾ انگريزن کان زمينون حاصل ڪيون، شاهه محمود قريشي اسان جي اڳواڻ خلاف نعرا هڻائي ٿو، سندس اڳواڻ هتي اچي ۽ هڪ لفظ به ڳالهائي وڃي ته پوءِ منهنجو نالو به خواجه آصف نه آهي، عدالت پاڻ مرادو نوٽيس ناهي ورتو، سندس پٽيشن تي ڪارروائي ٿي رهي آهي، هن چيو ته واڪ آئوٽ ڪري ويندڙن جي اڳواڻ جو عدالت ۾ ڪهڙو حال ٿيو آهي، هن چيو ته مودودي عظيم شخصيت هو هن چيو ته نواز شريف جي تقرير سان ايوان جو تقدس مجروح ناهي ٿيو، هن چيو ته اسان پيپلزپارٽي ۽ مشرف جي دور ۾ حساب ڏنا آهن. اي پي پي/ش – چ/ ر – م 22:34