اميد ته عالمي بئنڪ پاڪستان ۽ ڀارت جي تڪرارن جي حل ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اميد ته عالمي بئنڪ پاڪستان ۽ ڀارت جي تڪرارن جي حل ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26جنوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف اميد ظاهر ڪئي آهي ته عالمي بئنڪ ثالثي عدالت جي قيام جي ذريعي پن بجلي منصوبن جي تعمير جي حوالي سان پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ تڪرارن جي حل ۾ پنهنجو نمايان ڪردار ادا ڪندي. هن اها ڳالهه ڪالهه خميس ڏينهن عالمي بئنڪ گروپ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ڪرسٽالينا آئي جورجيوا سان وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهده 1960ع جنهن تي عالمي بئنڪ صحيحون ڪندڙ آهي، جي خلاف ورزي ڪندي هائيڊرو اليڪٽرڪ پلانٽس خاص طور تي ڪشن گنگا ۽ ريتلي پن بجلي منصوبن ۽ اولهه جي دريائن تي پاڻي ذخيرن جي تعمير جي حوالي سان پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ تڪرارن جي حل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. عالمي بئنڪ جي سي اي او جي پهرين پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪندي وزيراعظم کيس مقرري تي مبارڪباد ڏني، وزيراعظم چيو ته پاڪستان 1952ع کان پنهنجي عالمي بئنڪ سان پنهنجي حصيداري کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ ان جي سماجي، بنيادي ڍانچي، پاڻي ۽ توانائي جي شعبن ۾ 1952ع کان هيستائين 31 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري کي ساراهيو. وزيراعظم ترقي ۽ توانائي جي ميدان ۾ ڍانچاجاتي سڌارا آڻڻ لاءِ پاڪستان کي ڪيترائي ترقياتي پاليسي قرضن جي ذريعي 2014ع کان هيستائين 2.5 ارب ڊالر جي فراهمي جي به واکاڻ ۡئي، وزيراعظم نواز شريف انهن سڌارن کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته تربيلا IV ۽ تربيلا V ۽ داسو هائيڊرو منصوبن سميت توانائي جي منصوبن ۾ عالمي بئنڪ جي مدد به پاڪستان لاءِ قابل قدر آهي، وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت توانائي جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ سنڌو دريا سان گڏ پن بجلي جي منصوبن (ميگا ڊيمز) ۽ بلوچستان ۾ ننڍي ۽ وچولي ماپي جي ڊيمن جي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ان ڏس ۾ دياميرڀاشا ڊيم قومي اهميت جو منصوبو آهي جيڪو سستي بجلي جي فراهمي سان گڏوگڏ پاڻي ذخيرن جو حامل هوندو، وزيراعظم 75 ملين ڊالر جي فراهمي جي ذريعي عارضي طور تي بي گهر ٿيندڙ ماڻهن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ مدد تي عالمي بئنڪ جو ٿورو ادا ڪندي ٻڌايو ته بي گهر ماڻهن جي تيزي سان واپسي جو عمل جاري آهي، حڪومت عارضي طور تي بي گهر ٿيندڙ ماڻهن جي بحالي لاءِ پنهنجي بجيٽ مان وڏي رقم خرچ ڪري رهي آهي، وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت اقتصادي بحالي تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان کي توانائي، انفرااسٽرڪچر ۽ سماجي تحفظ جي شعبي ۾ وڏي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، حڪومت جي انهن قدمن جي ڪري حاصل ٿيندڙ نتيجا واضح آهن، ڍانچي جاتي سڌارا صحيح رخ ۾ گامزن آهن ۽ اقتصادي ترقي زور وٺي رهي آهي، ان رفتار کي برقرار رکڻ لاءِ حڪومت کي توانائي، بنيادي ڍانچي خاص طور تي رستن ۽ ريل جي نيٽ ورڪ، تعليم ۽ هنر سيکارڻ جي ميدان ۾ ترقياتي پارٽنرز جي مدد جي تمام وڌيڪ ضرورت آهي، وزيراعظم عالمي بئنڪ جي سي اي او ڪرسٽا ليناجورجيوا جي پاڪستان جي دوري تي ٿورو ادا ڪيو جيڪو پاڪستان ۽ عالمي بئنڪ جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن لاءِ دلچسپي ۽ ڪمٽمنٽ جو مظهر آهي، سي اي او عالمي بئنڪ چيو ته پاڪستان توانائي، بنيادي ڍانچي ۽ مجموعي اقتصادي استحڪام جي شعبي ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ حالتون تمام سٺيون آهن ۽ وزيراعظم جي قيادت ۽ ذاتي عزم جي ڪري پاڪستان جي اقتصادي صورتحال ۾ نمايان بهتري ڏٺي ويندي آهي، نائب صدر ڏکڻ ايشيا ريجن عالمي بئنڪ اينيتي ڊڪسن عالمي بئنڪ جي صدر جو پيغام وزيراعظم کي پهچايو جنهن ۾ چيو ويو ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي دور ۾ پاڪستان سياسي ۽ اقتصادي استحڪام حاصل ڪيو ۽ سلامتي جي صروتحال ۾ نمايان بهتري آئي آهي، هاڻي پاڪستان بلند واڌ ويجهه جي شرح ڏانهن گامزن آهي، سي اي او عالمي بئنڪ وزيراعظم کي پاڪستان جي اقتصادي اشارن جي غير معمولي ڪارڪردگي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته عالمي بئنڪ اقتصادي واڌ ويجهه جي شرح کي برقرار رکڻ لاءِ سندس قدمن جي حمايت ڪندي. اي پي پي/ش – چ/ ر – م20:36