تعليم، صحت سميت اهم جا پروگرام 2018ع جي پائيدار ترقي جي هدفن ۾ شامل آهن: مريم اورنگزيب

تعليم، صحت سميت اهم جا پروگرام 2018ع جي پائيدار ترقي جي هدفن ۾ شامل آهن: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26جنوری2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پائيدار ترقي جي هدف 2018ع جي اهم ترجيحن ۾ تعليم، صحت، موسمياتي تبديلي، ايڇ آءِ وي ايڊز، واٽر اينڊ سيني ٽيشن، اربن پلاننگ، حفاظتي ٽڪن جا پروگرام شامل آهن، ايس ڊي جيز سيڪريٽريٽ پنهنجي ميمبرن جو هڪ سڪورنگ ڪارڊ به ڊزائين ڪري رهيو آهي جنهن ۾ ان جي تڪ ۾ هر شعبي جا سمورا تفصيل، خاميون، فنڊ ۽ منصوبن جي باري ۾ تفصيل شامل هوندا، پاڪستان پهريون ملڪ آهي جنهن ۾ اي ڊي جيز جو سيڪريٽريٽ ڪم ڪري رهيو آهي جنهن جو مقصد پارليامينٽ يا حڪومت جي قدمن کي بهتر انداز ۾ صحيح انگن اکرن سان تحقيق ڪري ثمرن جو جائزو وٺي اڳڀرائي کان عوام کي آگاهه ڪرڻ آهي. هو ڪالهه خميس ڏينهن پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽري سروسز (پيپس) ۾ گلگت بلتستان قانونساز اسيمبلي جي ميمبرن جي پنج ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ جي دوران پائيدار ترقي جا هدف (ايس ڊي جيز) تي بريفنگ ڏئي رهي هئي ان تربيتي ورڪشاپ ۾ گلگت بلتستان اسيمبلي جي اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، وزيرن سميت گلگت بلتستان اسيمبلي جا سمورا ميمبر شريڪ آهن. پيپس جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ظفر الله تربيتي ورڪشاپ جي حوالي سان هيتسائين ٿيندڙ سرگرمين کان آگاهه ڪيو، مملڪتي وزير مريم اورنگزيب شرڪت ڪندڙن کي ايس ڊي جيز جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ايس ڊي جيز تي صحيحون ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان دنيا جو پهريون ملڪ آهي جنهن جي پارليامينٽ جي اندر ايس ڊي جيز جو سيڪريٽريٽ قائم ڪيو ويو آهي، ان جو مقصد پارليامينٽ يا حڪومت جي قدمن کي بهتر انداز ۾ درست انگن اکرن سان گڏ تحقيق ڪري ثمرن جو جائزو وٺي اڳڀرائي کان عوام کي آگاهه ڪرڻ آهي، هن ٻڌايو ته ايس ڊي جيز ۾ جيڪي 8 هدف هئا انهن مان 7 هدف اسان جي آئين جي باب 2 ۾ پهرين ئي شامل هئا پر ايس ڊي جيز کانپوءِ رخ جي تعين ۾ مدد ملندي، هن چيو ته ايس ڊي جيز ۾ پارليامينٽ کي تمام گهڻي اهميت ڏني وئي آهي، هاڻي اسان جو هر پارليامينٽرين اڪانومي، تعليم، صحت، موسمياتي تبديلي، ويمن ايمپاورمنٽ ۽ ٻين شعبن ۾ بهتر انداز سان تحقيق ڪري سگهندو، مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ٻڌايو ته ايس ڊي جيز جي سيڪريٽريٽ جي قيام سان گڏوگڏ هڪ پارلياماني ٽاسڪ فورس به جوڙي وئي آهي جيڪا ڪنهن به اداري کان بهتر انداز ۾ معلومات گڏ ڪري سگهندي ڇو ته ادارن کان پارليامينٽ ئي جواب طلب ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته پهريون ڀيرو ايس ڊي جيز سيڪريٽريٽ جي ڪوششن سان 2014ع کان بجيٽ ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي لاءِ فنڊز مختص ڪيا ۽ گذريل بجيٽ ۾ ايس ڊي جيز جو ذڪر به هو، هن چيو ته منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وزارت ۾ به ايس ڊي جيز يونٽ قائم ڪيو ويو آهي ۽ ايس ڊي جيز سيڪريٽريٽ ۾ ايندڙ اجلاسن ۾ انهي ايونٽ کي به گڏ رکيو ويندو، هن چيو ته ايس ڊي جيز سيڪريٽريٽ پنهنجي ميمبرن جو هڪ اسڪورنگ ڪارڊ به ڊزائين ڪري رهيو آهي جنهن ۾ سندن تڪ ۾ هر شعبي جا سمورا تفصيل، خامين، فنڊز ۽ منصوبن جي باري ۾ تفصيل شامل هوندا، هن چيو ته ايس ڊي جيز سيڪريٽريٽ غذائي کوٽ تي پهرين ڪامياب پارلياماني ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو. اي پي پي/ش – چ/ ر – م 18:27