اقليتن بابت قومي ڪميشن جو اجلاس

اقليتن بابت قومي ڪميشن جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26جنوری2016ء) اقليتن بابت قومي ڪميشن جو اجلاس خميس ڏينهن هتي مذهبي معاملن واري وزارت ۾ ٿيو، اجلاس جي صدارت مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف ڪئي، اجلاس ۾ اقليت بابت قومي ڪميشن جي ميمبرن سميت مذهبي معاملن واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ بين المذاهب هم آهنگي جي حوالي سان هر قسم جي نفرت آميز تقريرن ۽ مواد جي ڇپائي جي روڪٿام تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته اقليت بابت قومي ڪميشن ان سلسلي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو ۽ جيڪو به مناسب ڪارروائي ٿي اها تجويز ڪندو، اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان طئي ٿيو ته بين المذاهب ۽ بين العقائد جهڙن معاملن تي بحث ۽ مباحثي جي لاءِ 20 ڪينال زمين تي ڊائيلاگ سينيٽر تعمير ڪيو ويندو، ان کانسواءِ اسلام آباد ڊسٽرڪٽ بين المذاهب هم آهنگي ڪميٽي جوڙي ويندي جنهن ۾ سمورن مذهبن جا نمائندا شامل هوندا. اي پي پي/ش – چ/ ر – م 17:37