قومي اسيمبلي ۾ مختلف شخصيتن لاءِ فاتح خواني

قومي اسيمبلي ۾ مختلف شخصيتن لاءِ فاتح خواني

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26جنوری2016ء) قومي اسيمبلي ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن جي عزيزن جي لاڏاڻي، ٽرين حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن، پاراچنار ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ ماڻهن، گڏاڻي ۽ لاهور جي واقعن ۾ فوت ٿيندڙ مزدورن جي ايصال ثواب جي لاءِ فاتحه خواني ڪرائي وئي، ڪالهه خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس جي آغاز تي ڊاڪٽر فهميده مرزا جي سس، سنڌ جي اڳوڻي گورنر سعيد الزمان صديقي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي سس، ساجد احمد جي والده ۽ ڀاءُ، گڏاڻي ۽ لاهور جي واقعن ۾ فوت ٿيندڙ مزدورن، ٽرين حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن ۽ پارا چنار ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ ماڻهن جي ايصال ثواب لاءِ اسپيڪر جي چوڻ تي مملڪتي وزير انجنيئر ڄام ڪمال ايوان ۾ فاتحه خواني ڪرائي. اي پي پي/ش – چ/ ر – م 17:31