مريم نواز تي زير ڪفالت هجڻ جو ڪوڙو الزام ختم ٿي ويو آهي: مريم اورنگزيب

مريم نواز تي زير ڪفالت هجڻ جو ڪوڙو الزام ختم ٿي ويو آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26جنوری2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته مريم نواز تي زير ڪفالت هجڻ جو ڪوڙو الزام به اڄ ختم ٿي ويو آهي، مريم نواز مالي معاملن ۾ خودمختيار آهي ۽ باقاعدگي سان ٽيڪس ڏيندي آهي، عمران خان جي پيدا ڪيل ٻيا جهول به جلد ئي ختم ٿي ويندا، عمران خان پهرين جيئن هاڻي به الزام هڻڻ کانپوءِ ڀڄڻ جو رستو ڳولي رهيو آهي، الزام ثابت ڪرڻ جي لاءِ ثبوت لازمي هوندا آهن جنهن جو مقصد ڪيس وڙهڻ هوندو آهي اهي عدالت ۾ ثبوت به پيش ڪندا آهن. هو ڪالهه خميس ڏينهن سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهي هئي، هن چيو ته مريم نواز هڪ خودمختيار عورت آهي، پنهنجو انڪم ٽيڪس ادا ڪندي آهي ۽ ويلٿ ٽيڪس سان گڏ سمورا دستاويز سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايا ويا آهن. هن چيو ته مريم نواز جي خرچن ۽ انڪم ٽيڪس ريٽرن ۾ عمران خان شڪ ۽ شهبا وجهي ڪوڙي سياست ڪندو آهي، اڄ عدالت ۾ ان جي مڪمل وضاحت ٿي وئي آهي، هن چيو ته مريم نواز جي ذاتي انڪم آهي ۽ ان جا سمورا خرچ ان جي انڪم جي مطابق آهن ۽ان وضاحت سان زير ڪفالت جو مسئلو حل ٿي ويندو آهي، هن چيو ته اڄ ان وضاحت کانپوءِ وزيراعظم محمد نواز شريف جو نالو ان ڪيس مان به ٻاهر نڪري وڃي ٿو، عمران خان طرفان وزيراعظم تي لڳايل ٻيا ڪوڙا الزام به اسان جي ٽي وڪيل طرفان دليل ڏيڻ کانپوءِ ختم ٿي ويندا. هن يقين جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انشاءُ الله هاڻي عمران خان سپريم ڪورٽ کان به ڀڄي ويندو، ڇو ته جن جو مقصد عدالت جي اندر ڪيس وڙهڻ هوندو آهي اهي ثبوت پيش ڪندا آهن، عدالت جي ٻاهران ڪوڙي سياست ناهن ڪندا. هن چيو ته عمران خان ڪوڙي سياست جو عادي آهي ۽ جيڪو ڪجهه هن خيبرپختونخوا ۾ ڪيو اهو ڪنهن کي ڏيکارڻ جي قابل ناهي، مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان خيبرپختونخوا جي عوام سان ڪيل واعدا پورا ناهن ڪيا جڏهن ته وزيراعظم محمد نواز شريف قوم سان جيڪي واعدا ڪيا انهن کي پورو ڪري ڏيکاريو آهي، هن ٻيهر وضاحت ڪندي چيو ته عمران خان جي پٽيشن ۾ مريم نواز جو ذڪر تائين ناهي، اسان جي وڪيل صرف اهي دليل ڏنا آهن جيڪي ڪوڙا الزام عمران خان لڳائي ابهام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اڄ اهو سلسلو ختم ٿي ويو آهي ۽ اڄ جمعي کان آخري مرحلو شروع ٿيندو جنهن ۾ اسان جو وڪيل دليل ڏيندو ۽ انشاءُ الله اهو سلسلو جلد ختم ٿي ويندو، ان مرحلي تي ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته عمران خان سپريم ڪورٽ مان به جلد ڀڄڻ جي تياري ۾ آهي، عمران خان پهرين به الزام لڳائي ڀڄندو رهيو آهي، پوري قوم ڄاڻي ٿي ته عدالت ۾ ڪيس وڙهڻ وارا ڪوڙ جي سياست ناهن ڪندا ۽ عمران خان جي سياست ۾ سچ نالي جي ڪا به شيءَ نه آهي. اي پي پي/ش – چ/ ر – م 17:27