سينيٽ پاران پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ 6 سينيٽرن جي نامزدگي لاءِ قاعدن ۾ ترميم اتفاق راءِ سان منظور

سينيٽ پاران پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ 6 سينيٽرن جي نامزدگي لاءِ قاعدن ۾ ترميم اتفاق راءِ سان منظور

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔28 جولائی۔2016) سينيٽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ 6 سينيٽرن جي نامزدگي لاءِ قاعدن ۾ ترميم جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي، خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران قائدايوان سنيٽر راجا ظفر الحق پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي لاءِ سينيٽرن جي نامزدگي جي حوالي سان قاعدن ۾ ترميم جي رٿ پيش ڪئي، جنهن جي چيئرمين ايوان مان منظوري حاصل ڪئي، ايوان اتفاق راءِ سان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ هن قاعدا منظور ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي ايوان اتفاق راءِ سان قاعدن ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 18:19