پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ سينيٽرن جي شموليت جو معاملو هڪ مشڪل ٽاسڪ هو: اسحاق ڊار

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ سينيٽرن جي شموليت جو معاملو هڪ مشڪل ٽاسڪ هو: اسحاق ڊار

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔28 جولائی۔2016) ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ سينيٽرن جي شموليت جو معاملو هڪ مشڪل ٽاسڪ هو، جنهن کي ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون ويون آهن، خميس ڏينهن سينيٽ ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ سينيٽرن جي نامزدگي لاءِ قاعدن ۾ ترميم جي رٿ جي منظوري جي موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته اهو مشڪل ڪم هو جيڪو منهنجي ذمي لڳايو ويو هو، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي حوالي سان ڪيترائي هفتا وزيراعظم جي غير موجودگي ۾ مون کي مصروفيات جاري رکڻيون پيون، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو معاملو ڏاڍو مشڪل هو، ڪو ان سلسلي ۾ ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، مخالف ڌر اڳواڻ، پارلياماني اڳواڻن سان ان سلسلي ۾ رابطا ڪيا، دنيا ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي 2 ڌار ڌار پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيون نه آهن، ان ۾ ڪيتريون ئي مشڪلاتون هيون، قومي مفاد ۽ گڊ گورننس لاءِ اهو ضروري هيو ته هڪ ئي ڪميٽي هجي، جنهن ۾ سينيٽ جي نمائندگي هجي، وزيراعظم جي وطن واپسي کانپوءِ مون کي ٻه هفتا ڏنا ويا هئا، وقت کان اڳ ان سلسلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، حڪومت پاران اڄ بيان ڏئي رهيو آهيان ته ٻنهي ايوانن جا رولز تبديل ڪري 6 سينيٽرن کي ڪميٽي ۾ شامل ڪيو وڃي، هر صوبي جي نمائندگي ان ۾ هجي، هر صوبي مان هڪ هڪ ميمبر ، هڪ وفاق ۽ هڪ فاٽا مان هجي، ان مان 3 مخالف ڌر ۽ 3 حڪومتي بينچن مان هوندا. ڊرافٽ رولز به تيار ڪيا ويا آهن، پهرين آگسٽ کان شروع ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ نوان رولز متعارف ڪرايا ويندا، هي ايوان اڄ ئي ان سلسلي ۾ ڪارروائي ڪري سگهي ٿو ۽ چيئرمين ڇهن سينيٽرن جي نامزدگي ڪري سگهي ٿو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 18:17