پاڪستان ريلوي آمريڪا کان 55 ريل انجڻيون خريد ڪري رهيو آهي: خواجه سعد رفيق

پاڪستان ريلوي آمريڪا کان 55 ريل انجڻيون خريد ڪري رهيو آهي: خواجه سعد رفيق

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔28 جولائی۔2016) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته پاڪستان ريلوي آمريڪا کان 55 ريل انجڻيون خريد ڪري رهيو آهي، جيڪي جولاءِ 2017ع تائين اسان جي حوالي ڪيون وينديون، 2008ع کان هينئر تائين ريلويز 63 انجڻيون ٻاهرين ملڪن کان خريد ڪيون آهن، ريلوي جي 440 انجڻين مان 172 ناقابل مرمت ۽ ناڪاره آهن، خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سنيٽر عتيق شيخ جي سوال جي جواب ۾ ريلوي واري وفاقي وزير سعد رفيق ٻڌايو ته 86 سيڪڙو ريلوي جون پلون سئو سالن کان به وڌيڪ پراڻيون آهن، انهن کي بهتر بڻائڻ جو ڪم باقاعده بنيادن تي ڪيو ويندو آهي، ريلويز پل حفاظتي معيار موجب آهن، سينيٽر احمد حسن جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته پاڪستان ريلوي چٽاڀيٽي جي واڪ جي طريقيڪار جي پڄاڻي کانپوءِ 55 ريلويز انجڻيون آمريڪا کان خريد ڪري رهيو آهي، ان مقصد جي لاءِ ريلويز ميسرز جنرل اليڪٽرڪ (جي اي) آمريڪا سان 20 جون 2015ع تي 2 لک 13 هزار 689 ملين روپين جي ماليت جي معاهدي تي صحيح ڪيون آهن، اهي انجڻيون جنوري 2017ع کان جولاءِ 2017ع تائين ريلوي جي حوالي ڪيون وينديون، سينيٽر ڪرنل (ر) سيد طاهر حسين مشهدي جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته 2008ع کان هينئر تائين ريلويز ٻاهرين ملڪن کان 63 ريلوي انجڻيون خريد ڪيون آهن، ريلويز جي شعبي ۾ موجود 440 ريلوي انجڻين مان 172 انجڻيون ناقابل مرمت ۽ ناڪاره آهن، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ناڪاره انجڻين جي بحالي ۽ مرمت جو مرحليوار منصوبو بڻايو آهي، ٽرين آپريشن لاءِ 15 انجڻ تيار ڪيا ويا آهن، هن وقت 12 انجڻين جي بحالي جو ڪم جاري آهي، چيني ڪمپني پاران مهيا ڪيل 60 ريلوي انجڻيون اضافي پرزن جي گهٽتائي سبب بند آهن. پاڪستان ريلوي ان چيني انجڻين جي بحالي لاءِ ممڪن مطالعو شروع ڪيو آهي، جيڪو اڃان غور هيٺ آهي، پاڪستان ريلوي بند انجڻين جي مرمت ۽ سارسنڀال جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ سئو ريلوي انجڻين جي هٿرادو مرمت شروع ڪئي آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 18:07