ايئر بليو جهاز جي حادثي ۾ مارجي ويلن کي معاوضن جي ادائيگي جو معاملوجلد حل ڪيو ويندو: سينيٽ چيئرمين

ايئر بليو جهاز جي حادثي ۾ مارجي ويلن کي معاوضن جي ادائيگي جو معاملوجلد حل ڪيو ويندو: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔28 جولائی۔2016) سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته ايئر بليو جهاز جي حادثي ۾ مارجي ويلن کي معاوضن جي ادائيگي جو معاملو جلد حل ڪيو ويندو، خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس جي دوران مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن عوامي اهميت جي معاملي تي چيو ته اڄ ايئر بليو جي جهاز جي تباهي جي ڇهين ورسي آهي، جن 15 خاندانن کي معاوضو ناهي مليو انهن کي معاوضو ڏنو وڃي، سينيٽ چيئرمين چيو ته ناڻي واري وزير سان ڳالهه ڪئي آهي، اميد آهي ته اهو مسئلو منطقي انجام تائين پهچندو. سينيٽ چيئرمين جي هدايت تي ايئر بليو حادثي ۾ مارجي ويلن جي لاءِ سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري دعا ڪرائي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 18:00 خبر نمبر -- -- - 14