سينيٽ چيئرمين پاران حڪومت کي انڊونيشيا ۾ پاڪستاني قيدي جي ڦاسي روڪرائڻ لاءِ قدم کڻن جي هدايت

سينيٽ چيئرمين پاران حڪومت کي انڊونيشيا ۾ پاڪستاني قيدي جي ڦاسي روڪرائڻ لاءِ قدم کڻن جي هدايت

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔28 جولائی۔2016) سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته انڊونيشيا ۾ جنهن پاڪستاني قيدي کي ڦاسي اچڻي آهي، ان جي سزا تي عملدرآمد روڪڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن، خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر نگهت مرزا عوامي اهميت جي معاملي تي چيو ته انڊونيشيا ۾ پاڪستاني نوجوان ذالفقار جي باري ۾ ميڊيا ۾ اچي رهيو آهي ته ان کي ڦاسي ڏني ويندي ان معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي، سينيٽ جي چيئرمين ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي چيو ته وزيراعظم جي نوٽيس ۾ اهو معاملو آندو وڃي، ناڻي واري وزير ٻڌايو ته وزيراعظم آفيس ۽ پرڏيهي آفيس سان ان حوالي سان ڳالهه ڪئي آهي، عدالتي عمل پورو ٿي چڪو آهي، پاڪستاني جوابدار رحم جي اپيل ناهي ڪئي، ان معاملي جو جائزو ورتو پيو وڃي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:57 خبر نمبر -- -- - 13