نادرا چيئرمين گذرل ٽن سالن ۾ 2 ملڪن جا دورا ڪيا: سينيٽ کي آگاهي

نادرا چيئرمين گذرل ٽن سالن ۾ 2 ملڪن جا دورا ڪيا: سينيٽ کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔28 جولائی۔2016) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته نادرا جي چيئرمين گذرل ٽن سالن ۾ 2 ملڪن جا دورا ڪيا جڏهن ته نادرا جي ٻين آفيسرن 192 دورا ڪيا آهن، جنهن تي 92.92 ملين روپيا خرچ ٿيا، خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر حافظ حمد الله جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد ٻڌايو ته نادرا جي\چيئرمين گذريل ٽن سالن دوران ٻه ڀيرا ٻاهرين ملڪ جو دورو ڪيو، جيتوڻيڪ نادرا جي ٻين آفيسرن 92 دورا ڪيا آهن، اهي دورا تربيت حاصل ڪرڻ يا تربيت ڏيڻ جي لاءِ ڪيا ويندا آهن، ٽن سالن ۾ انهن دورن تي 92.92 ملين روپيا خرچ ٿيا آهن، انهن دورن سان نادرا آفيسرن جي اهليت ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن سان نادرا جي ڪارڪردگي بهتر ٿي آهي، نادرا جا آفيسر جن ملڪن ۾ ويا انهن ۾ ڪينيا، برطانيه، دبئي، چين، سريلنڪا، سعودي عرب، قطر، يو اي اي، فرانس ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:54