نادرا ۾ بي پي ايس 15 کان 22 تائين 1110 آفيسر ڪم ڪري رهيا آهن: شيخ آفتاب احمد

نادرا ۾ بي پي ايس 15 کان 22 تائين 1110 آفيسر ڪم ڪري رهيا آهن: شيخ آفتاب احمد

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔28 جولائی۔2016) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد چيو آهي ته نادرا ۾ بي پي ايس 15 کان 22 تائين 1110 آفيسر ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته گريڊ 17 کان 22 تائين نادرا هيڊڪوارٽرز ۾ 116 آفيسر آهن، اهي مقرريون ڪوٽا موجب ڪيون وينديون آهن، خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر حافظ حمد الله جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد ٻڌايو ته نادرا ۾ بي پي ايس 15 کان 22 تائين ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن جو تعداد 1110 آهي، ان ۾ گريڊ 15 جو هڪ، گريڊ 16 جا 472، گريڊ 17 جا 579، گريڊ 18 جا 50، گريڊ 19 جا 4 ۽ گريڊ 20 جا 4 آفيسر آهن، نادرا هيڊڪوارٽرز ۾ گريڊ 17 کان 22 تائين جا آفيسر 116 آهن، ان ۾ سنڌ جا 8، پنجاب جا 65، خيبرپختونخوا جا 25، گلگت بلتستان جا 2، فاٽا جو هڪ، وفاقي گادي واري شهر جا 5، بلوچستان جا 4 ۽ آزاد ڪشمير جا 6 آهن، فاٽا جي ڪوٽا تي عمل ڪيو ويو آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:49